ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان چيو آهي ته اسان ڏنڊا پريڊ نٿا ڪري سگهون، رانديگرن کي پاڻ ڏسڻو پوندو، ته کين ڪهڙي صورتحال موجب کيڏڻو آهي ۽ ميچ کٽرائڻي آهي. ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي يونس خان چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ به نوجوانن ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ سيريز کيڏڻ سٺو سنوڻ آهي پر ٽيم کي اڃا گهڻيون شيون سکڻيون آهن، خوشي آهي ته فخر زمان ۽ بابر اعظم اميدن تي پورا لٿا. يونس خان چيو ته بيٽسمينن کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته صورتحال موجب کيڏو، مڊل آرڊر ۾ مختلف رانديگرن کي کيڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، حيدر علي اڃا سکي رهيو آهي. هن چيو ته بيٽنگ ڪوچ آهيان، نظر به ايندو آهيان، پر ڪجهه فيصلن۾ شامل ناهيان هوندو، ڪپتان، چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ کي ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي رانديگر کي ڪيترو موقعو ڏيڻو آهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪنهن به رانديگر کي 2 کان 3 سيريز ۾ موقعو ڏيڻ گهرجي. بيٽنگ ڪوچ چيو ته رانديگرن کي جڏهن موقعوڏيو ته انهن وٽ فرسٽ ڪلاس ۽ لسٽ اي ميچز جو تجربو هجڻ گهرجي، منهنجي وس ۾ هجي ته مان اهڙا رانديگر ٽيم ۾ شامل ڪيا، جن وٽ ڊوميسٽڪ جو تجربو آهي.