جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد جوهانسبرگ کان هراري پهتي. ٽيم چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي زمابوي رواني ٿي، هراري پهچڻ بعد پاڪستاني اسڪواڊ جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪئي ويندي. گرين شرٽس دوري دوران زمبابوي خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچز کيڏندي.