ڌاٻيجي (رپورٽ: شبيرعلي جوکيو) ڌاٻيجي جي علائقي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ۾ صبح فجر محل جاتي واسي 18 ورهين جي زبير احمد ولد امير بخش ٿهيم جو اسماعيل شاھ جي گهر مان پکي ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو، گهر مالڪن پوليس کي اطلاع
ڏيڻ بنا نوجوان جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ روانو ڪري ڇڏيو، ٻي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ان حوالي سان نوجوان جي والد امير بخش ٿهيم ٻڌايو ته پٽ ڪالهه شام کان گم هو، اڄ سندس موت جو اطلاع مليو آهي، هن الزام هنيو ته اسان جو اسماعيل شاهه، ربنو شاهه ۽ عباس شاهه وارن سان تڪرار هلندڙ آهي، جوابدارن اسان جي نوجوان کي دعوت ڏئي گهر گهرائي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف قتل الزام هيٺ آيل ربنو شاھ ٻڌايو ته زبير احمد صبح فجر محل اسان جي گهر ۾ چوري جي ارادي سان گهڙيو، جنهن کي اسان پڪڙي ڪمري ۾ بند ڪيو، زبير دل برداشت ٿي پاڻ پکي ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، هوڏانهن ايس ايچ او ڌاٻيجي غلام علي لاکو ٻڌايو ته نوجوان جو اسماعيل شاهه جي گهر مان پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي، لاش تحويل ۾ وٺي گهارو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ بعد نوجوان جي موت جي خبر پوندي، پوليس موجب الزام هيٺ آيل جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، گرفتارين لاءِ ڇاپا هڻون پيا، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻي طرف رورل هيلٿ سينٽر گهارو جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوجوان جي ڳلي تي نشان آهن، خدشو آهي ته نوجوان کي گهٽا ڏنا ويا آهن.