ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي ۾ 10 ڏينهن اندر چوٿون ڀيرو پائپ لائن ڦاٽي پئي، جنهن ڪري ڪراچي ۾ پاڻي  بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.ا ن ڏس ۾ گذريل ڏينهن صبح 5 لڳي 30 منٽن تي پورٽ قاسم فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس  پنجاھ منٽن لاءِ مڪمل بند ٿي وئي بجلي بريڪ ڊائون  سبب بيڪ پريشر تي ڪراچي واٽر بورڊ ڌاٻيجي پمپ ھائوس  جي ڌاٻيجي پمپ ھائوس لڳ 72  انچ قطر جي 5 نمبر لائن ۽ 2 نمبر لائن ڌھماڪي سان ڦاٽي پيون لائنون ڦاٽڻ سبب لکين گيلن پاڻي ضائع  ٿي ويو ڪراچي جي مختلف علائقن  کي پاڻي جي سپلائي معطل ٿي وئي. پاڻي ڌاٻيجي پمپ ھائوس  ڪالوني ڌاٻيجي پمپ ھائوس ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي گھرن ۾ ڪاھي پيو ڌاٻيجي پمپ ھائوس  ۽ قومي شاھراهه کي ملائيندڙ  روڊ تي پاڻي تمام گھڻو ھجڻ سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس  پمپ ھائوس ڪالوني ۽ ڳوٺن جو عارضي طور تي شھر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. ڌاٻيجي پمپ ھائوس جا ملازم به ڪيترائي ڪلاڪ روڊ تي بيٺا رھيا  لائن ڦاٽڻ سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس  جا 4 پمپ بند آهن جنهن سبب ڪراچي جي اڪثر علائقن  کي تقريبن 100 ملين گيلن يوميا پاڻي جي سپلائي  معطل رھندي پاڻي جي مڪمل نيڪالي بعد مرمتي ڪم شروع ڪيو ويندو . لائن نمبر 5 جو مرمتي ڪم چويھ ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جڏنھن ته لائن نمبر 2 سيمنٽ جي لائن ھجڻ سبب مرمتي ڪم ۾ ھفتو لڳي سگهي ٿو ايگزيڪٽيو انجينئر واضع  رھي ته لائن نمبر پنج معمولي بجلي بريڪ ڊائون  سبب 10 ڏينهن ۾ چوٿين ڀيري  ڦاٽي آھي.