دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) فوڊ کاتو دادو مليل 10، لک ڪڻڪ  جي ٻورين جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي  ويو آهي ، فوڊ کاتو دادو 7 لک 50 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪري سگهيو آهي ، ٽارگيٽ پورو نه ٿيڻ ۽ ڪڻڪ جي چر پر تي قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود فوڊ کاتي جي ملي ڀڳت سان واپارين پاران ذخيرو ڪيل ڪڻڪ دادو کان ڪراچي منتقل ڪئي پئي وڃي ، ڪراچي جي اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگھه ۾ رڪارڊ اضافي کانپوءِ ڪڻڪ جي في ٻوري جو اگھه 7800 رپيا ٿيڻ تي دادو جي واپارين پاران فوڊ کاتي دادو جي ملي ڀڳت سان سري عام روزانو رات جي وقت ۾ ڪڻڪ جي ٻورين سان ڀريل  ٽرڪون ڪراچي منتقل ڪيون پيون وڃن جنهن تي فوڊ کاتي دادو جا عملدار واپارين کان في ٽرڪ تي 25 هزار کان 30 هزار رپيا وصولي ڪن ٿا ، فوڊ کاتي دادو جي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪي اين شاھ ، ميهڙ ، دادو ۽ ٻين گودامن رکيل سرڪاري ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ خراب حالت ۾ پيل ڪڻڪ ملائي وڏي پيماني تي بيقائدگيون ڪيون پيون وڃن ، دادو ضلع مان وڏي پيماني تي ڪڻڪ ڪراچي منتقل ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي اگھ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ ۽ اٽو مهانگو ٿيڻ خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.