سکر(بيورو رپورٽ) ايڊيشنل آئي جي آفيس سکر جي ڪرائيم برانچ جي انچارج ڊي ايس پي غلام علي جماڻي جو نوجوان پٽ فوت ٿي ويو، وارثن پاران ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هنيو ويو آهي، ڊي ايس پي غلام علي جماڻي جو فرزند 35 ورهين جو شهنيل حيدر آنڊي جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جو مڙهه ايمبولينس ذريعي خيرپور جيلاني پاڙي ۾ آندو ويو، جتي بخاري پاڙي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ڊي ايس پي غلام علي جماڻي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ آنڊي جي تڪليف سبب شهنيل کي سکر جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ٻن ڏينهن تائين اتي زير علاج هو، ڊاڪٽرن چيو ته ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ کانسواءِ سندس آپريشن نه ڪيو ويندو، مون چيو ته جيسيتائين ٽيسٽ اچي منهنجي پٽ جو ڇا ٿيندو ته ڊاڪٽر چيو ته تنهنجي پٽ جي ڪري اسان باقي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي مرڻ نه ڏينداسين، ڊاڪٽرن جي اهڙي بي حسي سبب آخرڪار اسان شهنيل کي ڪراچي اسپتال کڻي وياسين، جتي ڊاڪٽرن سندس آپريشن ڪيو ۽ چيو ته وقت سر آپريشن نه ٿيڻ ڪري شهنيل جو آنڊو ڦاٽي پيو آهي ۽ زهر ڦهلجي ويو آهي، جتي آپريشن ته ڪيو ويو پر هو بچي نه سگهيو، هن چيو ته شهنيل حيدر جي سکر جي نجي اسپتال ۽ ڪراچي اسپتال پاران ڪرايل ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جو رزلٽ به نيگيٽو آيو آهي، جنهن جون رپورٽون موجود آهن، هن چيو ته مون ڊي ايس پي جي پٽ سان سکر جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽرن اهڙو حشر ڪيو آهي، باقي عام مريضن سان ڪهڙو حشر هوندو هن چيو غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ نااهل اسپتال انتظاميا خلاف عدالت ۾ ويندس.