سڊني (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪيوي ڪپتان ڊينيئل ويٽوري کي آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو اسسٽنٽ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪرڪ انفو رپورٽ موجب اڳوڻي ڪيوي ڪپتان ڊينيئل ويٽوڙي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ جي مددگار طور تي فرض سرانجام ڏيندو، هن کي جسٽن لينگر جي جاءِ تي نامزد ڪيو ويو آهي. ميڪڊونلڊ ۽ ويٽوري جي آءِ پي ايل کان ورڪنگ رليشن شپ آهي، جتي هو رائل چيلنجرز بئنگلور ۾ گڏجي کيڏيا، جڏهن ته هاڻي ڪوچنگ جا فرض نڀائيندا.