ميرپور (اسپورٽس نيوز) ميرپور ٽيسٽ ۾ بنگلاديش جي ٽيم 365 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش طرفان 6 رانديگر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا ۽ 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. جڏهن ته لٽن داس 145 رنز جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو ۽ مشفيق الرحيم 175 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. سريلنڪا طرفان ڪاسن رجيٿا 5 ۽ اسيٿا فرنندو 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. سريلنڪا 2 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنز ٺاهي ورتيون. اوشادا فرنندو 57 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي ڪپتان ڊيمٿ ڪرونارتني 70 رنز سان ڪريز تي موجود آهي. بنگلاديش طرفان عبادت حسين ۽ شڪيب الحسن هڪ هڪ ورتي.