پشاور (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليو ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪار هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويو، پوليس موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ڪانسٽيبل دلاور خان پوليو ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته تعلقي ڪلاچي جي علائقي اٽل شريف جي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن کيس فائرنگ جو نشانو بڻايو، جنهن سبب دلاور  خان ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا.