سکر(بيورورپورٽ)سينئر وڪيل شبير شر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جرڳن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آھي، ڪيس ٻڌڻ جوڳو آھي يا نه ان سلسلي ۾ ڪورٽ سڳوري ڇهه آگسٽ تي فيصلو ڪندي، پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته سنڌ ۾ 2004ع ۾ سنڌ هاء ڪورٽ سکر بينچ پاران مسمات شازيه جي ڪيس ۾ جرڳن تي پابندي هنئي هئي, سنڌ جي وڏي وزير قبيلائي جهيڙا جرڳن وسيلي حل ڪرڻ جو اعلان ڪري عدالتي فيصلي جي توهين ڪئي آۡهي. وڏو وزير ٻڌائي ته سنڌ ۾ ڪهڙو علائقو قبائلي آھي جتي حڪومت جي رٽ ناهي جو سردار جرڳو ڪندا, پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته سنڌ حڪومت غيرقانوني ڪم ڪندي متبادل عدالتي نظام قائم ڪري پئي, ان ڪري کائن جواب طلب ڪيو وڃي ته عدالتي فيصلي جي توهين ڇو ڪئي وئي آھي.