ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم پروڊيوسر رتيش سڌواني ڪجهه ڏينهن اڳ انڪشاف ڪيو هو ته هن جي ساٿي فلمساز فرحان اختر “ڊان 3” جي اسڪرپٽ کي فائنل ڪري رهيا آهن. “ڊان 3” بابت تازي اڳڀرائي اڳيان ايندي ئي اهو فلمي شوقينن ۾ اهو تجسس پکڙجي ويو ته سيريز جي نئين فلم ۾ مک ڪردار ڪير ادا ڪندو، سيريز جي شروعاتي ٻن فمن ۾ شاهه رخ خان مک ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هاڻي به اها ئي اميد ڪئي پئي وڃي ته شاهه رخ خان ئي فلم ۾ مک ڪردار نڀائيندو. ڀارتي ميڊيا پنهنجي ذريعي کان دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه رخ خان “ڊان” سيريز جي نئين فلم ۾ ڪم لاءِ راضي نه آهي ۽ هن فلمساز کي باضابطه طور تي انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب “ڊان 3” پروجيڪٽ تي فرحان اختر، رتيش سڌواڻي ۽ شاهه رخ خان وچ ۾ ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي پر بالي ووڊ ڪنگ فرنچائز ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي. هاڻي فلم جي حوالي سان نئين اڳڀرائي اڳيان آئي آهي ته بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه کي شاهه رخ خان کي آئيڪونڪ رول لاءِ فائنل ڪيو ويو آهي ۽ اهو اسان کي “ڊان 3” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو.