ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رهندڙ مهيشوري برادريءَ پاران ٻن ڏينهن واري مهيشوري پريميئر ليگ اڄ کان واءِ ايم سي پلي گرائونڊ (گورنر هائوس جي سامهون) ۾ شروع ٿيندي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل شيڊيول موجب اڄ پهرين ڏينهن تي گروپ اي جي مهيشوري ڪنگز، مهيشوري يونائيٽيڊ، مهيشوري قلندرز جو گروپ بي جي مهيشوري ظلمي، مهيشوري گليڊي ايٽرس ۽ مهيشوري سلطانز سان مقابلا ٿيندا. ٽورنامينٽ جو فائنل سڀاڻي آچر تي ٿيندو جنهن ۾ مهيشوري برادريءَ جون فيمليز به شريڪ ٿينديون. ان حوالي سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي رانديگر شاهنواز ڏاهاڻي طرفان پڻ وڊيو بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هن اميد ڏيکاري آهي ته مهيشوري رانديگر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائيندا ۽ انهن مان سٺو رانديگر قومي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ٿرپارڪر ضلعي جي ناليواري چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو پڻ وڊيو بيان جاري ڪري ٽورنامينٽ جي آجيان ڪئي آهي.