لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جو ناليواري ڳائڻي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ابرار الحق رات وقت پنهنجي گهر تي پوليس جي ڇاپي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ابرار الحق ٽوئٽر تي وڊيو پيغام جاري ڪندي آگاهه ڪيو آهي ته رات جي وقت پوليس منهنجي گهر تي ڇاپو هنيو ان دوران منهنجي گهريلو ملازمن تي تشدد ڪيو ويو ۽ منهنجي گهر وارن کي پوليس طرفان هراسان ڪيو ويو. ڳائڻي جو چوڻ هو ته منهنجي گهر وارن ٻارن کي هنن جي نانا جي گهر موڪلڻ چاهيو ته هنن کي ڌمڪي ڏني وئي ته اهي منهنجي پٽ کي کڻي ويندا پوءِ ان جو پيءُ ايندو. ابرار الحق چيو ته ٻارن جي پيءُ آخر ڪيو ڇا آهي؟ مان ته 9 مئي جي واقعن تي به مذمت ڪندو رهيو آهيان وڊيو پيغام به جاري ڪيو ۽ ماڻهن کي درس ڏيندو رهيو آهيان ته ڀڃ ڊاهه نه ڪريو. ڳائڻي چيو ته مان پاڪ فوج سان گهڻي محبت ڪندو آهيان منهنجي خاندان جو فوج سان تعلق رهيو آهي ۽ مان پاڻ به فوج ۾ وڃڻ چاهيندو هيس. ابرار الحق 9 مئي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي لکيو ته ڪور ڪمانڊر لاهور جي گهر سميت ٻي فوجي ملڪيت جي ڀڃ ڊاهه تي گهڻو افسوس آهي.