ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام جاري، سون 400 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا لاٿ سان 112500 مان 112100 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا اضافي سان 1440 مان 1450 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 25 پئسا اضافي سان 156.25 مان 156.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيا واڌ سان 221 مان 222 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا اضافي سان 190 مان 190.5 رپيا ٿي ويو.