سکر (بيورورپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آھي ته پ پ سنڌ ۾ غربت، ڪرپشن، لٽ مار کانسوا ڪھڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آھي؟ سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. سنڌ سان ناانصافين ۽ ظلم جي ھاڻي انتھا ٿي چڪي آھي جيڪو ظلم ھاڻي برداشت کان ٻاھر آھي. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ھر فرد وٽ لنگھي ويندس ۽ پيپلزپارٽي توڙي قبضا مافيا خلاف سنڌ جي ماڻھن کي نجات ڏيارڻ سميت سنڌ جي حقن لاءِ جي يو آءِ جي جدوجھد جاري رھندي. جميعت علماءِ اسلام سکر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ علاما راشد خالد محمود سومرو وڌيڪ چيو آھي ته جسقم جي چيئرمين صنعان قريشي ۽ قوم پرست اڳواڻن اياز لطيف پليجو، سيد جلال محمود شاھ، ڊاڪٽر قادر مگسي سميت ٻين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سان سنڌ حڪومت جي بدنيتي ظاھر ٿئي ٿي. اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ آھي، ھڪ طرف پنجاب پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي ته ٻئي طرف جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو اسيمبلي ۾ حڪومتي وزير ۽ وڏيرا چوري ڪري وڃن ٿا. حڪمرانن جون ھزارين ايڪڙ زمينون پاڻي تي ڌاڙا ھڻي آباد آھن پر ننڍن ۽ غريب آبادگارن جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائي وئي آھي.