منصور ابڙو

غذائي کوٽ جو سڌو يا اڻ سڌو تعلق ته ننڍن ٻارن ۾ ٿيندڙ موت جو ڪارڻ رھيو آھي پر صرف ھڪ انڊيڪيٽر کي کڻي اھو تعين ڪرڻ ته جنوري کان ھينئر تائين ڪل مري ويل ٻارن جو تعلق غذائي کوٽ سان آھي. جيئن ھر طرف ٿيندڙ موت جو ڪارڻ ڪورونا وبا ناھي ايئن ئي ھر مري ويل ٻار کي بنا سائنسي تحقيق جي ان کي غذائي کوٽ سان جوڙڻ به زيادتي ھوندي.
ڪجهه ڏينھن پھرين هڪ سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي هڪ ليکڪ صاحب جو ھڪ آرٽيڪل پڙھڻ وٽان مليو جنھن ۾ مختلف پھلوئن تي ليکڪ بحث ڪيو آھي جنھن ۾ نمايان غذائي کوٽ کي ٻارن جي موت سان تعلق ڏيکاريو ويو آھي خاص ڪري سنڌ سرڪار جي ماتحت ھلندڙ پروگرام نيوٽريشن سپورٽ پروگرام بابت ان اخبار ۾ موصوف ليکڪ جو تفصيلي جائزو پڻ مليو پر ليکڪ صاحب کي اهو پڻ ڏسڻ گهربو هو ته اهو تعلق مختلف انڊيڪيٽرن سان جوڙي پوءِ ئي ڪنهن سان ڀيٽي پ لکي ها ان عمل سان انهن جو ڀرم به رهجي وڃي ها.
ڏسڻو اھو آھي ته غذائي کوٽ جي پروگرام شروع ٿيڻ ۽ ختم ٿيڻ سان ڪھڙو فرق پوندو؟
بنيادي طور تي ھي پروگرام انساني ڀلائي جو پروگرام آھي جنھن جي ذريعي ٻار جي وزن مطابق پلمپينٽ مان ٺھيل مکڻ نما چاڪليٽ جھڙي شڪل جو مواد جنھن جو وزن 92 گرام آھي ٻارن کي ابتدائي خوراڪ طور تي ڏنو وڃي ٿو جيڪو ھڪ عام cell يا جيوگھرڙي جي نشونما ڪري ٿو جنھن جي ذريعي ٻار جي نشونما ۾ تيزي اچي وڃي ٿي ۽ اھو ٻار مقرر وقت ۾ وزن به وڌائي ٿو ۽ گنگيءَ سان ويڙھ به ڪري ٿو. جيڪڏھن ھي پروگرام نھه ھجي ھا ته شايد ٿر جي صورتحال اڃان به خراب ھجي ھا. ڇاڪاڻ ته غذائي کوٽ جي جڏھن تهج تائين وينداسين ته خبر ٿي پوي ته 2018ع ۾ NNS نيشنل نيوٽريشن پروگرام پنھجي رپورٽ ۾ اھو ڄاڻايو آھي ته پوئريسٽ poorest ورٿ ڪوانٽائيل وارن ماڻھن ۾ وڌيڪ غذائي کوٽ ملي آھي. ڇاڪاڻ ته ٿر جي ماڻھن جي ايتري سگھه ناھي جو ھو سٺو کاڌو کائي يا واپرائي سگھن جنھن ۾Food diversity متوازن غذا ھجي يا اھڙو نظام ھجي جنھن جي ذريعي هو پنھجي غذائي کوٽ جو پوراءُ ڪري سگھن .
ھڪ ته جيڪڏھن ماءُ جيڪا ٻار ڄڻي ٿي اھا ئيunderweight گھٽ وزن رکي ٿي ته ڇا ان جو پيٽ ۾موجود ٻار پورن مھينن جو ٿي سگھي ٿو ؟ يا ته اھڙيون عورتون جيڪي گھٽ وزن رکن ٿيون انھن ۾ رت جي کوٽ پڻ ٿئي ٿي .
ظاھري طور تي انھن سڀني جو تعلق غذا سان ته آھي ئي پر اھو ھڪ الڳ انڊيڪيٽر آھي جنھن کي صرف غذائي کوٽ سان ڀيٽڻ مناسب ناھي. صرف اھو چئجي ته غذائي کوٽ جي ڪري ٻار مرن ٿا. ان سان گڏو گڏ جيڪڏھن اھو چئجي ته حڪومتي پاليسيون غربت گھٽائڻ افراسٽرڪچر وڌائڻ لاءِ جيڪڏھن اپاءَ وٺجن ته جيڪر اھڙو ماحول پيدا ئي نه ٿئي. پر جيڪڏھن صرف ان بنياد تي غذائي پروگرام ختم ڪجي ته اھو بي لاڀ آھي ته اھا پڻ زيادتي آھي. غذائي کوٽ جي جيڪڏھن ڳال ڪجي ته پوري پاڪستان ۾ NNS 2018ع جي مطابق سڀ کان تمام گھڻو اسٽنٽنگ ريٽ ڪلات ۾ آھي جتي تمام سنگين صورتحال آھي.
ڪجھه وقت پھرين ھڪ يونيورسٽي جي شاگرد پاران ٿر جو دورو ڪيو ويو جنھن ۾ مرندڙ ٻارن تي مختلف رخن کان تحقيق ڪئي وئي ان ۾ ڄاڻايو ويو ته مرندڙ ٻارن جوتعلق اھو به آھي ته ان جي ماءَ جي ڪيتري عمر ۾ شادي ٿي آھي؟ ننڍي عمر جي شادي کان وٺي ماءَ جي Mental health يعني ذھني صحت جو پڻ اندازو لڳايو ويو ته ان مان خبر پئي ته انھن سڀني جو تعلق به مرندڙ ٻارن سان آھي.
ھڪڙي مجموعي صورتحال ٿر ۾ جنم وٺي رھي آھي جنھن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف غذائي کوٽ ختم ڪندڙ پروگرام تي نه ڀاڙيو وڃي پر ٻين رخن کي به نظر ۾ رکيو وڃي يا اھڙيون پاليسيون جوڙيون وڃن جنھن ۾ ٻارن جي ويڪسين کي يقيني بڻايو وڃي . ٿر ۾ اڪثريت نان مسلمز جي آھي جيڪي پڻ  superstitions توھم پرستي يا وھم پرستي جو شڪار آھن .
ھڪ ٿر تي غذائي تحقيق ڪندڙ دوست ٻڌايو ته ھڪ دفعو سندس ڪنھن اھڙي ڪميونٽي ۾گڏجاڻي ٿي جتي اھڙن ٻارن جي ڳولا ڪري رھيا ھئاسين جنھن کي حفاظتي ٽڪا نه لڳرايا ويا ھئا جڏھن ھو اھڙي ڪنھن گھر۾ پھتا ته معلوم ٿيو ته سس پنھجي ننھن کي تازي ڄاول ٻار کي ڪنھن به ويجھي اسپتال ۾ کڻي وڃي ٽڪا ھڻائڻ جي اجازت نه ڏئي رھي ھئي. معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو وي ته ديوي ناراض ٿي ويندي جيڪڏھن اسان ٽڪا ھڻايا ته اسان جو ٻار مري ويندو نتيجو آخر ۾ اھو ٿو نڪري ته اھڙا کوڙ سارا وقعا آھن جيڪي سڌو سنئون رپورٽ نٿا ٿين ۽ ٻار موت جي منھن ۾ ھليو وڃي ٿو.
اھڙا قصا ڪھاڻيون رڳو غير مسلم آبادين ۾ نه پر اسان جي اتر سنڌ ۾ عام جام آھن جنھن جا پڻ ايترا انڊيڪيٽر ٺيڪ ناھن جن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورٽ آھي. ڳالھه جو حاصل مفھوم اھو آھي ته غذائي کوٽ بنياد بڻجي ته سامھون اچي ٿي پر ساڻس correlate ل لاڳاپيل ايترون کوڙ ساريون شيون ھجن ٿيون جنھن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ جر جو پاڻي ڪونھي ۽ اڪثر يا ته گندو پاڻي Contaminated water پيئڻ لاءِ ھجي ٿو جنھن سان ٻار کي Diarrhea دست الٽيون يا ڪالرا جھڙيون بيماريون سڌو سنئون موت جي منھن ۾ وٺي وڃن ٿيون.
جيسيتاين حڪومتون سائنسي بنيادن تي ڪم نه ڪنديون اھي ٻار ايئن ئي مرندا رھندا حڪومت کي اڳتي اچي رت جي کوٽ جو شڪار عورتن کي ملٽيپل مائڪرونيٽرينٽ Multiple micro nutrient مھيا ڪيون وڃن ۽ ٻار ٿيڻ جي پھرين مھيني کانوٺي آخري مھيني تائين اسپتالن ۾ الٽراسائونڊ ڪرائڻ لازمي ڪرائڻ جو قانون پاس ڪرڻ گھرجي.
جيڪڏھن اھڙو ڪو قانون پاس ٿيل به آھي ته ان کي بنياد بڻائي عمل ڪرايو وڃي. عورتن سان معاشي سماجي اقتصادي مسئلن تي نفسياتي ماھرن جي ٽيم جيڪا ھر يونين ڪائونسل ۾ موجود ھجي جيڪي اھڙيون عورتون جيڪي اڳي ئي معاشي بار کي منھن نٿيون ڏئي سگھن، اھڙين عورتن جي رھنمائي ٿي سگھي، نه ته ٿر اھڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو جو توھان جا ايندڙ نسل ايئن ئي بنا رپورٽ ٿيڻ جي الائي ڪيترا مرندا رھندا.