ڀارت جو طالبان تي 150 شهرين کي اغوا ڪرڻ واري الزام جو ڀانڊو ڦاٽي پيو

0
187

ڪراچي(م ڊ) ڀارت جي طرفان طالبان تي 150 کان وڌيڪ ڀارتي شهرين کي اغوا ڪرڻ واري الزام جو ڀانڊو ڦاٽي پيو. ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته گذريل ڏينهن ڪابل ايئرپورٽ کان طالبان 150 ڀارتي شهري جيڪي پنهنجي وطن واپس اچڻ لاءِ اتي موجد هئا، انهن کي اغوا ڪيو ويو، پر اهي سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد ثابت ٿيا. افغان ميڊيا موجب طالبان ترجمان احمد الله واسق هن خبر جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪابل جي حامد ڪرزئي ايئرپورٽ مان ڪنهن کي به اغوا ناهي ڪيو ويو، جنهن جي تصديق ڀارتي ميڊيا به ڪئي. هن کان اڳ ڀارت طالبان تي قنڌار ۽ هرات ۾ بند پيل قونصل خانن جي تلاشي وٺڻ ۽ گاڏيون پاڻ سان گڏ ڪاهي وڃڻ جو به الزام مڙهيو هو. واضح رهي ته افغانستان تي طالبان جي مڪمل ڪنٽرول کانپوءِ ڀارت ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانا بند ڪري ڇڏيا آهن.