سنڌي ٻولي بابت ٿيل ڪچهري

0
495

اڪثر دوستن ۾ ڪچهري دوران سنڌي ٻولي کي درپيش چيئلنج جو ذڪر نڪرندو آهي. تازو ڪجهه ڏينهن پهرين به اهڙي گفتگو ٿي. ان ڪچهري جون اهم ڳالهيون توهان سان ونڊ ڪريان ٿو. هڪ دوست چيو ته سنڌي هندو، خاص طور جيڪي لاڙڪاڻو، شڪارپور، سکر، جيڪب آباد وغيره مان لڏي ڪراچي رهن ٿا، انهن پنهنجي ٻارن سان سنڌي ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏي آهي. هڪ سبب اهو آهي ته سندن ٻارن جا اسڪول اردو ۽ انگريزي ميڊيم آهن. تنهنڪري، انهن جي ڪوشش آهي ته ٻار اسڪول جي ماحول ۾ رلي ملي وڃن. ٻيو ڪارڻ نفسياتي آهي؛ سنڌي ڳالهائيندي احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا. ٽيون اهو به سبب آهي ته ٻين قومن جا ٻار انهن سان تعصب وارو رويو رکن ٿا. تنهنڪري، ان تعصب کان بچڻ لاءِ به پنهنجي اصل سنڌي واري شناخت لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٻئي دوست چيو ته اهڙا ماڻهو شعوري طور اها ڪوشش به ڪن ٿا ته رياست جي ترجيحات سان هلون ته جيئن قبوليت وڌي. رياست جي پاليسي آهي ته صرف اردو قومي ٻولي آهي ۽ باقي سڀ ٻوليون علائقائي آهن. اهڙي پاليسي سبب سنڌي ٻولي کي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ گهڻيون رڪاوٽون آهن. جنهن ۾ ٻولي جي بنياد تي تعصب پڻ وڏو مسئلو آهي. بهرحال، جيڪو به اصل سبب هجي پر انهن جي گهرن مان سنڌي ٻولي کي آهستي آهستي نيڪالي ملي رهي آهي. شايد سندن ايندڙ نسل سنڌي کان بلڪل وانجهيل هجي. پر اها صورتحال صرف هندو سنڌين تائين محدود ناهي.. جيڪي سنڌي ڪراچي ۾ لڏي آيا آهن اهي سڀ آهستي آهستي سنڌي ڳالهائڻ گهٽائيندا ٿا وڃن.
وڏي ڳالهه ته هاڻي ڪراچي کان علاوه لاڙڪاڻو، دادو، خيرپورميرس وغيره ۾ به خانگي اسڪول اردو ميڊيم آهن. سرڪاري سنڌي ميڊيم اسڪولن جو حال ناهي پوءِ ماڻهو ٻارن کي معياري تعليم ڏيارڻ جي ارادي سان اردو ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا. جتي نوي سيڪڙو کان مٿي سڀ استاد ۽ ٻيو عملي سنڌي آهي پر اسڪول اردو ميڊيم آهن. جنهن ۾ ٽي سي ايف جا اسڪول به شامل آهن. اهڙو اردو ميڊيم ۾ پڙهائڻ واري فيشن اچڻ سان آهستي آهستي خانگي اسڪولن مان به سنڌي ٻولي کي نيڪالي ملي رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌي به سرڪاري ٻولي آهي پر آفيسن ۾ ڪميونيڪيشن تقريبن اردو ۾ ٿئي ٿي. ڪراچي ۾ ته آهي ئي اردو پر سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به سرڪاري دفترن ۾ سنڌي جو واهپو گهٽجي رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي به اڪثر ڪري اردو ۾ هوندي آهي. ان کان علاوه سرڪاري گڏجاڻين ۾ ڳالهه ٻولهه اردو ۾ ٿئي ٿي. ايتري تائين جيڪڏهن ان گڏجاڻي ۾ پنجاهه ماڻهو آهن، انهن ۾ رڳو ڪو هڪ ماڻهو به غير سنڌي هوندو ته سڀ اردو ۾ شروع ٿي ويندا. ان ماڻهو کي سکڻ جو موقعو ئي نه ڏيندا ته سنڌ ۾ هوندي سنڌي سکي.
بهرحال، سرڪاري ڪم ڪار ۾ به اردو وڌي رهي آهي. حيدر آباد، نواب شاهه، خيرپور ميرس، سکر، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ ٿاڻن تي ايف آءِ آر اردو ۾ داخل ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. روينيو کاتي ۽ عدالتي شعبي جا ڪم ڪار به اردو ۾ ٿين ٿا. سرڪاري سطح تي سنڌي جو استعمال تيزي سان گهٽجڻ ٻولي لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. رڳو خرابين مٿان نظر ناهي. ٻئي پاسي هڪ وڏي مثبت ڳالهه اها آهي ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سنڌي ٻولي ۾ نئون ۽ سٺو Content يا مواد مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي. سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جو تعداد وڌي رهيو آهي. ٻيو سوشل ميڊيا تي سنڌي مزاح جون وڊيوز به ٻولي جي استعمال کي کنيو بيٺيون آهن. پر اتي اها کوٽ محسوس ٿئي ٿي ته ٻولي جو معيار وڌيڪ بهتر ڪجي ته اڃا بهتر اثر پيدا ٿيندو. سنڌي ڪتاب به ججهي تعداد ۾ ڇپجي رهيا آهن جيڪو پڻ ٻولي جي حوالي سان هڪ بهتر مستقبل جو اهڃاڻ آهي.
ٻولي جي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ اها به آهي ته سنڌي سيکارڻ جا نوان ۽ جديد طريقا ناهن. ٻار کي ڪيئن دليل سان سمجهائجي ته ،”بينظير” ۾ ظ ڇو ٿو استعمال ٿئي؟ ز، ذ، ض وغيره ڇو نٿو ڪري سگهجي. ڊان اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي جي اڳوڻي انچارج زبيده مصطفيٰ چيو ته هن ڪراچي ۾ سنڌي سکڻ پئي چاهي پر ڪراچي ۾ سنڌي سيکارڻ جو الڳ ادارو ناهي جيئن انگريزي، جرمن ۽ ٻيون ٻوليون سکڻ لاءِ ڪراچي ۾ ادارا آهن. اسين اها گهُر ته ڪريون ٿا ته اردو ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي سکن پر اڄ تائين ان سلسلي ۾ سنڌي جو ڪو ڪورس ناهيون ٺاهي سگهيا. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري معرفت گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪم ته پهرين ترجيح طور ٿيڻ کپي. هڪ تجويز اها آهي ته هن وقت سنڌي صورتخطي، گرامر ۽ لفظن جو اخبارن، اشتهارن، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي گهڻو غلط استعمال نظر مان گذري ٿو. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان هڪ ڪتاب يا ويب سائيٽ ٺهڻ کپي جنهن ۾ اهڙين غلطين جي نشاندهي سان گڏ درست استعمال بابت سمجهاڻي شامل هجي.
آخر ۾ دوستن اها صلاح رکي ته پنهنجي ٻولي تي فخر محسوس ڪريون. انگريزي، اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڀلي سکون پر پنهنجي جيجل جي ٻولي نه ڇڏيون. بلڪه ان جو زندگي جي هر ڪارونهوار ۾ استعمال وڌايون. ڇا توهان هنن مشورن سان اتفاق ڪريو ٿا؟