ڇا سنڌ ۾ هن سال دريائي ٻوڏ اچي سگهي ٿي؟

0
139
رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

  درياهن ۾ وهڪرا هيٺين پاسي 11 آگسٽ تي هي رهيا:

تربيلا           179700 ڪيوسڪ

ڪابل          46000        ڪيوسڪ

منگلا           10000         ڪيوسڪ

چشما          226383      ڪيوسڪ

پنجند          44473        ڪيوسڪ

گڊو             146182       ڪيوسڪ

سکر            126085       ڪيوسڪ

ڪوٽڙي        200711       ڪيوسڪ

چشما-جهلم لنڪ            15000         ڪيوسڪ

تونسا – پنجند لنڪ        5721          ڪيوسڪ

                 سڪردو جو ٽيمپريچر وڌ ۾ وڌ 33.5 سينٽي گريڊ رهيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 23.3 سينٽي گريڊ رهيو. 33.3 سينٽي گريڊ تي گليشيئرن مان برف چڱي ڀلي رجي ٿي.

پاڻي ٺاهه تي عمل؛

                 سنڌو درياهه مان چشما- جهلم لنڪ ۾ ڇوڙ 15000 ڪيوسڪ رهيو ۽ تونسا –پنجند لنڪ مان ڇوڙ 5721 ڪيوسڪ رهيو. ڪل انهن ٻنهي لنڪن مان ڇوڙ اٽڪل 20000 ڪيوسڪ رهيو. پنجند مان هيٺين ڀر ڇوڙ 44473 ڪيوسڪ رهيو. جڏهن پنجند ڊائون اسٽريم ڇوڙ 44473 ڪيوسڪ رهيو ته ٻنهي لنڪ ڪينالن مان ڇوڙ پنجند ڊائون اسٽريم مان کڻي سگهجي پيو، ته ٻنهي لنڪ ڪينالن کي هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پنجاب وارن جي هوڏ قائم آهي، هنن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته منگلا ڊيم کي ڀرن. منگلاڊيم جو مٿيون وهڪرو 2995 ڪيوسڪ رهيو. اهو ڊائون اسٽريم پنجند مان کڻي پئي سگهيا. پوءِ اهو ڇو نه کنيائون؟ هنن جي مرضي هوندي آهي ته ٻنهي لنڪ ڪينالن مان پاڻي کڻن ته جيئن هنن جو رائيٽ تسليم ٿي وڃي. حالانڪه سنڌ ۾ بيراجن تي پاڻي کوٽ ناهي. جڏهن سنڌ ۾ بيراجن تي پاڻي کوٽ هوندي آهي تڏهن به هو ٻئي لنڪ ڪينال هلائيندا آهن ته جئين منگلا ڀرجي ۽ اهو پاڻي ربيع ۾ استعمال ڪري سگهن.

بند مينوئل جي اهميت؛

انگريزن پنهنجي دور حڪومت ۾ هڪ ولسن نالي انگريز کي آمريڪا جي درياهه مسي سي پي ڏسڻ لاءِ آمريڪا موڪليو. هو اتي 2 سال رهيو ۽ ڏٺائين ته مسي سي پي رور ڪميشن وارا اتي تمام سٺو ڪم پئي ڪيائون. هن موٽڻ کانپوءِ سنڌو درياهه تي به انڊس رور ڪميشن ٺاهي ۽ تنهن کانپوءِ آمريڪن تجربن جي بنياد تي هڪ ڪتاب بند مينوئل ٺهرايو. جنهن ۾ هن آمريڪا جي ماڻهن تي ٻڌل انهن پريڪٽس جو ذڪر ڪيو جيڪي هن اتي ڏٺيون. انهي ڪتاب ۾ سڀ اهي طريقا ٻڌايل آهن ته ٻوڏ کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ اهو ڪتاب اسان جي سڀني انجنيئرن وٽ هجڻ کپي، جيڪي بند تي ڊيوتي ڏين ٿا. انهي جو نئون ايڊيشن مان ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ پاڻ ٺهرايو. هي هڪ بي مثال ڪتاب آهي جنهن ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جا سڀ اصول لکيل آهن. ته پري آبڪلاڻي ۾ ڇا ڪرڻ کپي، پوسٽ آبڪلاڻي ۾ ڇا ڪرڻ کپي ۽ ٻوڏ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڇا ڪرڻ کپي.

مون کي هڪڙي مئل بزرگ جي اڳڪٿي ٻڌائي وئي ته سال 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ وري ٻي ٻوڏ 12 سال گذرڻ کانپوءِ ايندي. هن سال 12 سال پورا ٿي ويا آهن ۽ هن مئل بزرگ جي اڳڪٿي مطابق ٻي سپر فلڊ ايندڙ سال ايندي. اسان وٽ دريائي ٻوڏ هيٺين سبب ڪري اچي ٿي:

  1. اونهاري ۾ پيل برف ۽ گليشيئرن جو گرمي ڪري رجڻ.
  2. ميداني علائقن ۾ مينهن پوڻ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ وهڪرن جو نئين ۽ واهڙن ذريعي درياهه ۾ پوڻ.
  3. جبلن تي پيل برف جو مينهن پوڻ ڪري رجڻ
  4. بنگال مان ايندڙ مون سون هوائن ڪري جبلن تي تمام تيز مينهن وسائڻ يا هوا جو دٻاءُ (depression) جو پيدا ٿيڻ.

مٿي لکيل ٽن سببن ڪري درياهه ۾ بنيادي وهڪرا (Base Flow) اچي ٿو، پر اهي ٻوڏ جو سبب ناهن. ٻوڏ جو سبب چوٿون آهي يعني (Bay of Bengal) بنگال نار مان هوائن جو اچڻ. جبلن تي مينهن وسائڻ يا (Depression) جو جنم وٺڻ. انهن ۾ وري مکيه سبب درياهه جي چوٽي وارن وهڪرن جو ساڳي هنڌگڏجڻ. انهي کي انگريزي ۾ (Synchronisation) چئجي ٿو. جيڪڏهن هڪڙي درياهه مان چوٽي وارو وهڪرو اڳ ۾ نڪري وڃي ٿو ۽ ٻئي درياهه مان چوٽي وارو وهڪرو انهي ملڻ واري هنڌ تي دير سان پهچي ٿو ته ٻنهي جي ميلاپ نه ٿيڻ ڪري وهڪرن جي شدت (Intensity) گهٽجي وڃي، پر جيڪڏهن ٻئي ساڳي هنڌ ميلاپ ڪن ٿا ته گڏيل وهڪرن جي شدت (Intensity) تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي. معنيٰ سنڌ ۾ تمام وڏي ٻوڏ سپر فلڊ (Super Flood) اچي ٿي ۽ تمام وڏي ٻوڏ اچڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿي.

هن سال 11 آگسٽ تي گڊو بيراج جي مٿي ڀر وهڪرو 200900 رهيو، معنيٰ اتي وڏي ٻوڏ ڪانهي، پر ايئن چئي سگهجي ٿو ته ٻوڏ ئي ڪانهي. پر جتي ڪٿي مينهن پون ٿا ۽ صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن بنگال نار ۾ (depression) واري صورتحال رهي ٿي ته اهو چوڻ ڏکيو آهي جو اها صورتحال آگسٽ مهيني ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. منهنجا آبپاشي کاتي واري انجنيئرن کي هيٺيان ٽي عرض آهن:

  1. هو بند مينوئل کي چڱي طرح پڙهن ۽ انهي تي عمل ڪن.
  2. داروغن ۽ بيلدارن کي بند تي ڊيوٽي ڏيڻ جو پابند ڪن. هڪڙا اهڙا به بيلدار ۽ داروغا رکيا ويا آهن جي ٻين شهن مان رکيا ويا آهن، هو بند تي ڊيوٽي نٿا ڏين ۽ رڳو مهيني پوري ٿيڻ کانپوءِ پگهار وٺڻ اچن ٿا.

انهي نموني ۾ الله ڪندو ته سپر فلڊ نه ايندي پر ڪچن وارن ماڻهن کي سپر فلڊ نه کپي پر ايتري ته کپي ته ڪجهه ڪچا ٻڏن. انهي لاءِ اٽڪل 7 لک ڪيوسڪ ڊسچارج کپي. الله ڪندو ته ايئن ٿيندو. ڪچا به ٻڏندا، سپر فلڊ نه ايندي ۽ بندن کي کنڊ نه لڳندا. آمين!

آسرو م لاهيج، سڄڻ ٻاجهارو گهڻو. (شاهه لطيف)