ميثاق معيشت ۽ معاشي ڏيوالپڻي تائين پهچڻ جا ڪارڻ

0
158
ڇا يوڪرين نيٽو اتحاد ۾ شامل ٿي سگهندو.؟

 ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف طرفان ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي ميثاق معيشت جي لاءِ دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ سميت ملڪ جي سڀني سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال تي ڳالهائڻ ۽ هڪ جامع منصوبابندي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري آهي. ڇو ته ملڪ ۾ جڏهن ڪابه سياسي تبديلي اچي ٿي ته گذريل حڪومت جون سڀ پاليسيون بند ڪري نئين حڪومت طرفان پنهنجا منصوبا متعارف ڪرايا ويندا آهن جنهن ۾ معاشي منصوبا پڻ شامل هوندا آهن.هن وقت اسان جو ملڪ معاشي طور ڪٿي بيٺل آهي ان جو جائزو ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي رپورٽ جي آڌار تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.

                  ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب  پاڪستان معاشي طور ڏکڻ ايشيا ۾ انتهائي پوئتي 5 نمبر تي آهي .جڏهن ته پهرين نمبر تي مالديپ پنهنجي سالياني جي ڊي پي تحت 11 سيڪڙو ريشو سان سڀني کان مٿي  آهي جتي مهانگائي جي شرح صرف 3 سيڪڙو آهي.جڏهن ته ٻئي نمبر تي هندستان آهي جيڪو 7.5 سيڪڙو جي ڊي پي ريشو سان ٻئي نمبر تي آهي جتي مهانگائي جي شرح 5.8 سيڪڙو آهي. بنگلاديش ٽئين نمبر تي 6.9 جي ڊي پي ريشو سان ۽ 6 سيڪڙو مهانگائي جي شرح سان موجود آهي.ڀوٽان 4.5 جي ڊي پي شرح سان سالياني 7 سيڪڙو مهانگائي سان چوٿين نمبر تي بيٺل آهي.هاڻي نظر ٿا وجهون پاڪستان جي جي ڊي پي ريٽ تي جيڪو 2020ع ۽ 2021ع  ۾ 4 سيڪڙو سان پنجين نمبر تي آهي.جڏهن ته مهانگائي جي شرح 11 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.جڏهن ته نيپال 3.9 سيڪڙو جي ڊي پي ۽ 6.5 سيڪڙو سالياني مهانگائي سان ڇهين نمبر تي آهي.نيپال ۾ مهانگائي جي شرح پاڪستان جي مقابلي ۾ بلڪل گهٽ آهي.جڏهن ته خطي جو واحد ملڪ  سري لنڪا جيڪو هن وقت معاشي ديوالپڻي جو شڪار ٿيل آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ ستين نمبر تي آهي.جنهن جي گذريل سال جي جي ڊي پي ريٽ صرف 2.4 آهي ۽ مهانگائي جي شرح 13.3 آهي. پاڪستان جي جي ڊي پي ريشو کي جيڪڏهن سري لنڪا سان ڀيٽايو وڃي ته ملڪ بلڪل ڏيوالپڻي جي ڪپر تي بيٺل نظر ايندو.سري لنڪا جي 2.4 سيڪڙو جي ڊي پي جي مقابلي ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي سيڪڙو 4 آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح سري لنڪا جي بلڪل ويجهو آهي جنهن ۾ 13.3 سيڪڙو سان ڏيوالپڻي  ۾ آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 11 سيڪڙو آهي.

هنن انگن تي نظر وجهڻ کان پوءِ اندازو ڪرڻ انتهائي آسان آهي ته پاڪستان هن وقت ڪٿي بيٺل آهي.اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جو فوجي سربراهه  جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا سميت ٻين ملڪن کي پاڪستان کي ڏيوالپڻي جي خطري کان ڪڍڻ لاءِ عالمي مالياتي ادارن تي پنهنجو اثر رسوخ هلائڻ لاءِ عرض ڪري رهيو آهي.مرڪزي بينڪ ۾ مالياتي ذخيرا ختم ٿيڻ جي ڪري ملڪي رپئي تي ان جا اثر انتهائي خراب پيا جو پهريون دفعو هڪ ڊالر 245 رپين جو ٿي ويو.جيڪو هن وقت ڪجهه بهتري طرف گامزن آهي پر اڃان تائين معاشي بحران برقرار آهي .ان بحران مان ملڪ کي ڪڍڻ لاءِ پهريون دفعو ملڪي سيڪيورٽي تي معمور فوج جي سربراهه کي سڌي ريت مداخلت ڪرڻي پئجي رهي آهي.ملڪ کي موجوده حالتن تائين پهچائڻ وارن عنصرن جو به هن حالتن ۾  تعين ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي 75 سالن جي عرصي تائين ڪابه حڪومت مضبوط جامع  معاشي پاليسي ڏيڻ کان قاصر رهي آهي.جنهن ۾ شروع ۾ ملڪ اندر اقتدار جي لاءِ ميوزيڪل چيئر راند جي شروعات ٿي جنهن جي ڪري نون سالن تائين ملڪ بنا ڪنهن ڪاغذ (آئين) جي هلندو رهيو.آئين کي پورو ڪري اڃان نافذ ئي مس ڪيو ويو ته ان کي ردي جي حوالي ڪري ملڪ تي وردي وارن پنهنجو راڄ مڙهي ڇڏيو.جنهن سان ملڪ اندر سياسي بالغپڻو مڪمل طور ختم ٿي ويو.جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ جو هڪ حصو الڳ ٿي ويو.

ان کان پوءِ ذولفقار ڀٽو جي طرفان مختلف معاشي اصلاحات متعارف ڪرايا ويا جنهن جو مقصد ملڪ کي معاشي طور اڳڀرو ڪرڻ هو پر انهن ڪيل اصلاحاتن جا نتيجا اچن ها ان کان اول ئي ملڪي وزير اعظم کي سولي تي لٽڪايو ويو۽ ملڪ اندر خاص طور صوبي سنڌ اندر ان عمل خلاف مظاهرا ٿيا ۽ انهن مظاهرن ۽ گڏيل سوچ جنرل ضياءَ خلاف هڪ سياسي محاذ جي راهه هموار ڪئي جنهن سان موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (ايم آر ڊي) جو بنياد پيو.جنهن جنرل ضياءَ کي ملڪ اندر نه چاهيندي به بنا ڪنهن پارٽي  نالي ۽ منشور جي اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جنرل ضياءَ ۽ ان جي زير دست جمهوريت وٽ به ملڪ لا ءِ ڪو به معاشي منصوبو موجود نه هو.پر سويت يونين خلاف آمريڪا کي ملڪي سهولتڪاري مهيا ڪرڻ ۽ مذهبي جنگجوئن جي فيڪٽري کي پروان چاڙهڻ لاءِ  ملڪ اندر ڊالرن جي برسات شروع ٿي وئي.ان ڏهاڪي دوران جيڪڏهن آمريڪا کان ڊالرن جي مقابلي ملڪ ۾  جديد فيڪٽرين جو ڄار وڇايو وڃي ها ۽ ان فيڪٽرين مان نڪرندڙ سامان کي آمريڪا جي مدد سان دنيا جي بازار تائين پهچايو وڃي ها ته شايد هن وقت ملڪ جي پوزيشن ڪافي الڳ هجي ها.

جنرل ضياءَ جي جهاز حادثِي ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ اندازو    اهو ئي هو ته ملڪي سياستدان گذريل ٻن ڏهاڪن جي تجربن مان سکي ڪري ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيندا پر بدقسمتي سان وري اها ئي ميوزيڪل چيئر راند شروع ٿي وئي  جيڪا 60 واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي هئي.1988ع کان 1998ع تائين سياستدان ميوزيڪل چيئر راند دوارن ڪنهن به قسم جي ڪابه پاليسي ترتيب نه ڏئي سگهيا ڇو ته هر مهيني ملڪ اندر حڪومت جي تبديل ٿيڻ واريون سازشون گردش ڪرڻ جي ڪري ڪوبه سرمائيدار ملڪ اندر سرمائيڪاري کان ڪيٻائيندو رهيو.1999ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ فوجي راڄ رائج ٿي ويو.11 سيپٽيمبر 2001ع تي آمريڪي ٽاورن تي نيويارڪ ۾ ٿيل حملن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جي لاءِ بين الاقوامي رستا هموار ٿي ويا ۽ آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر افغانستان ۾ طالبان ۽ القائده خلاف جنگ جو اعلان ڪيو پر اها جنگ پاڪستان جي شموليت بنا ممڪن نه هئي.ان ڪري پاڪستان کي لٺ ۽ چٺ ٻئي ڏيکاريا ويا ته ساٿ ڏيو ته توهان جي معاشي ڀلائي ٿيندي ۽ جيڪر نه ٿا ڏيو ته پوءِ پٿرن جي دور ۾ واپس وڃڻ لاءِ تيار رهو.1998ع ۾ نواز حڪومت ملڪ اندر ايٽمي ڌماڪا ڪري دنيا جي ستين ايٽمي ملڪ جو اعزاز حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ جي مڪمل معاشي ناڪابندي ڪئي وئي هئي جنهن جي ڪري ان جا ملڪ تي ڪافي ناڪاري اثر پيا جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ نواز حڪومت “قرض اتارو ملڪ سنوارو” جو نعرو بلند ڪيو.

ملڪ ٻه ڏهاڪا اول ئي سنگين معاشي بحران جي ور چڙهيل هو پر آمريڪا پنهنجي مفادن خاطر پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏنو پر پاليسي ساز ادارن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي ته جڏهن آمريڪا افغانستان اندر پنهنجي جنگ ختم ڪندو ته ملڪ جي معاشي حالت ڪٿي بيهندي.

هن وقت به 60 ۽ 90 واري ڏهاڪي جيان ملڪ اندر طاقت جي حصول لاءِ ميوزيڪل چيئر راند 2012ع کان جاري آهي.ساڳئي قسم جا سازشي نظريا هرمهيني گردش هيٺ آهن ته اجهو هي حڪومت گهر ڀيڙي ٿيڻ واري آهي.عمران خان جي حڪومت دور ۾ اهو اندازو لڳايو پئي ويو ته هي حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ٻاهر ڪـڍي ويندي پر بدقسمتي سان عمران خان جي حڪومت معاشي اصلاحات طرف گهٽ پنهنجن سياسي مخالفن کي ڪچلڻ ڏانهن وڌيڪڌيان ڏنو. جنهن ملڪ جي رهيل معاشي ڪثر به پوري ڪري ڇڏي.

75 سالن تائين ملڪ کي آمريڪي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي قرض تي هلايو ويو.قرضن سان ملڪي عوام جي تقدير بهتري طرف ته نه ٿي وڃي سگهي پر تباهي ۽ تنزلي طرف ضرور وڃي سگهي ٿي.

موجوده معاشي بحران سان ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين اها ڳالهه مڪمل طور محسوس ڪري ورتي آهي ته ملڪ جي سيڪيورٽي ايٽمي هٿيارن سان گڏ معاشي استحڪام جو هجڻ به انتهائي ضروري آهي.اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملڪ ۾ پهريون دفعو سڀني پارٽين کي ميثاق جمهوريت جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ راهه هموار ڪئي پئي وڃي.جنهن ۾ اندازو اهو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ملڪ ۾ جمهوري طريقي سان آيل ڪابه سياسي پارٽي گذريل حڪومت جي معاشي پاليسين سان هٿ چراند نه ڪندي .

ڏسجي ته انهي ميثاق معيشت سان ملڪ جي عام ماڻهو جي حالت زار تي ڪهڙا مثبت اثر پون ٿا ۽ ملڪ اندر مثبت معاشي ماحول جڙي ٿو.