جشن سان گڏ سوچڻ جي ضرورت

0
165
جشن سان گڏ سوچڻ جي ضرورت

  ٻه ڏهاڙا اڳ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه ملهائي وئي. روايتي طور ان ڏينهن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، قومي ترانو ڳايو ويو، تقريرون ڪيون ويون، عمارتون روشن ڪيون ويون ۽ واڌايون ونڊيون ويون. انهن تقريبن ۽ تقريرن ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ٻڌڻ ۾ نه آيو ته اڄ مني صديءَ جي ڄمار تي پهچڻ کانپوءِ ملڪ ڪٿي بيٺو آهي؟ پاڪستان سان گڏ ۽ ڪجهه عرصو پوءِ ٺهندڙ/آزاد ٿيندڙ ڏهن ملڪن سان هڪ ڀيٽ ڪيون ٿا ته جيئن ان حقيقت کي سمجهي سگهجي ته عالمي برادريءَ ۾ اسان ڪٿي بيٺا آهيون.

                 پهرين انهن ڏهن ملڪن جي وجود ۾ اچڻ جا ورهيه نوٽ ڪيو ته جيئن ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. بنگلاديش (1971ع. 24 ورهيه ننڍو) هندستان (1947ع. هم عمر)، انڊونيشيا (1945ع)، سنگاپور (1965ع 18 ورهيه ننڍو)، ملائيشيا (1957ع ڏهه ورهيه ننڍو)، چين (1949ع)، متحده عرب امارات (1971ع. 24 ورهيه ننڍو)، ڏکڻ ڪوريا (1945ع)، فلپائن (1946ع) ۽ ويٽنام (1945ع)

هاڻ اچو ته انهن ملڪن سان ڪجهه اهم معاشي، سماجي ترقيءَ جي اهڃاڻن تي ڀيٽ ڪري پنهنجو قد ڪڇيون.

في ماڻهو جي ڊي پي:

پاڪستان (1500 ڊالر)، بنگلاديش (2500 ڊالر) ڀارت (2200 ڊالر)، انڊونيشيا (4356 ڊالر)، سنگاپور (72764 ڊالر)، ملائيشيا (11371 ڊالر)، چين (12359 ڊالر)، متحده عرب امارات (35171 ڊالر)، ڏکڻ ڪوريا (34758 ڊالر)، فلپائن (3646 ڊالر) ۽ ويٽنام (3694 ڊالر). ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي شهرين جي آمدني انهن سمورن ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.

پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا:

پاڪستان (14 ارب ڊالر) بنگلاديش (39.67 ارب ڊالر) ڀارت (632 ارب ڊالر)، انڊونيشيا (144 ارب ڊالر)، سنگاپور (400 ارب ڊالر)، ملائيشيا (109 ارب ڊالر)، چين (3000 ارب ڊالر)، متحده عرب امارات (106 ارب ڊالر)، ڏکڻ ڪوريا (438 ارب ڊالر)، فلپائن (108 ارب ڊالر) ۽ ويٽنام (109 ارب ڊالر)

خواندگي جي شرح:

پاڪستان (62.3 سيڪڙو) بنگلاديش (75 سيڪڙو) ڀارت (74 سيڪڙو)، انڊونيشيا (96 سيڪڙو)، سنگاپور (97 سيڪڙو)، ملائيشيا (95 سيڪڙو)، چين (97 سيڪڙو)، متحده عرب امارات (95.5 سيڪڙو)، ڏکڻ ڪوريا (99 سيڪڙو)، فلپائن (96 سيڪڙو) ۽ ويٽنام (96 سيڪڙو)

انساني ترقيءَ جي درجي بنديءَ ۾ نمبر

پاڪستان (154)، بنگلاديش (133) ڀارت (131)، انڊونيشيا (107)، سنگاپور (11)، ملائيشيا (62)، چين (85)، متحده عرب امارات (31)، ڏکڻ ڪوريا (23)، فلپائن (107) ۽ ويٽنام (117). اهڙيءَ ريت اهي سمورا ملڪ انساني ترقيءَ ۾ پاڪستان کان مٿانهان آهن.

روانگي (برآمدي) واپار جي آمدني:

پاڪستان (34.5 ارب ڊالر)، بنگلاديش (38.7 ارب ڊالر) ڀارت (323 ارب ڊالر)، انڊونيشيا (167 ارب ڊالر)، سنگاپور (390 ارب ڊالر)، ملائيشيا (238 ارب ڊالر)، چين (2000 ارب ڊالر)، متحده عرب امارات (220 ارب ڊالر)، ڏکڻ ڪوريا (531 ارب ڊالر)، فلپائن (80 ارب ڊالر) ۽ ويٽنام (336 ارب ڊالر). اهڙيءَ ريت پاڪستان انهن ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ روانگي واپار جي آمدنيءَ وارو ملڪ آهي.

هي ته ڪجهه اهڃاڻن تي ڪيل ڀيٽ آهي، پر جيڪڏهن باقي ترقياتي اهڃاڻ به ڏسبا ته پاڪستان انهن ملڪن کان هيٺ نظر اچي ٿو. نه رڳو اهي ڏهه ملڪ پر انساني ترقيءَ واري معاملي تي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ سواءِ افغانستان جي باقي سمورا ملڪ پاڪستان کان اڳتي نڪتل آهن.

آزاديءَ جو مطلب ملڪي عوام جي زندگين کي بنيادي انساني سهولتن ۽ حقن واري زندگي فراهم ڪرڻ آهي. اڄوڪي دور ۾ جاگرافيائي آزاديءَ جي اهميت انساني ترقيءَ سان مشروط آهي. بدقسمتيءَ سان اڄ پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن جي ڄمار جا 2 ڪروڙ 28 لک ٻار، 44 سيڪڙو اسڪولن ۾ داخل ناهن. انهن ۾ 5 کان 9 ورهين جي ڄمار جا 50 لک ٻار شامل آهن. اهڙيءَ ريت هڪ ڪاٿي موجب ملڪ جا 8 کان 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا.

معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جي ان حالت جو بنيادي ڪارڻ حڪمرانن جون غلط سياسي پاليسيون آهن. ملڪ جي باني ايڪاين کي برابريءَ وارو درجو ڏيڻ بجاءِ هڪ مخصوص علائقي ۽ گروهه جي قبضي هيٺ ننڍن صوبن جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري انهن کي ترقيءَ جي عمل کان ٻاهر رکيو ويو. ڪمزور طبقن ۽ قومن کي ملڪ جي چئني صوبن ۾ هڪ سگهاري اقليت جي غلاميءَ هيٺ رکيو ويو. ڏهاڪن تائين ٿاڦيل آمريتن ۽ جنگي پرڏيهي پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. هڪ مخصوص گروهه ملڪي معيشت، سياست، اختيارن ۽ فيصلن تي والار ڪيو ويٺو آهي. نتيجي ۾ ملڪ انساني ترقي ۽ معاشي اهڃاڻن تي ڏينهون ڏينهن پٺيرو پئجي رهيو آهي.

ملڪ جي 75 هين سالگره جي جشن جي موقعي تي ان سوال جو جواب ڳولڻ جي به ضرورت آهي ته اڄ پاڪستان معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جي اهڃاڻن تي ايترو هيٺ ڇو آهي؟.