ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي سينئر اداڪارا صبا فيصل جي پٽ اداڪار سلمان فيصل ۽ نيها ملڪ وچ ۾ عليحدگي جون خبرو ميڊيا تي هلي رهيون آهن ان حوالي سان اڃا تائين ڪا به ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن نيها ملڪ سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي مختلف ماڻهن ڪمينٽس ڪيا پرهڪ صارف ان پوسٽ تي نيها کان مڙس بابت سوال ڪيو هن چيو ته اوهان جو مڙس اڄڪلهه ڪٿي آهي جنهن جو جواب ڏيندي نيها ملڪ چيو ته اهو اوهان ان کان پڇو ته هو اڄڪلهه ڪٿي آهي. نيها جي ان جواب بعد ميڊيا تي اهو سوال هلي رهيو آهي ته ڇا سلمان فيصل ۽ نيها ملڪ ۾ عليحدگي ٿي چڪي؟؟؟.