ڪراچي (شوبز نيوز) سپر ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس آمريڪي نائب صدر ڪمالا هيرس طرفان اسرائيلين جي حمايت ۾ بيان تي مٿس سخت تنقيد ڪئي آهي.آمنا الياس سوشل ميڊيا تي سماجي موضوعن تي حوالي سان پنهنجو آواز اٿاريندي رهندي آهي ۽ هن ڀيري هن انسٽاگرام تي آمريڪي نائب صدر ڪمالا هيرس کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪمالا هيرس اسرائيل جي حمايت ۾ ڳالهائي رهي آهي.ڪيپشن ۾ آمنا الياس لکيو آهي ته مان اهو ويڊيو شيئر ڪرڻ بنا نه رهي سگهيس، ڪمالا هيرس ڪهڙي قسم جي انسان آهي؟ ان کي شرم اچڻ گهرجي.اداڪارا جي ان پوسٽ تي نه رڳو واهپيدار پر شوبز شخصيتون به ڪمالا هيرس کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيون آهن.