ڇا اجمل ساوند جي خون سان انصاف ٿي سگهندو؟

0
134
ڇا اجمل ساوند جي خون سان انصاف ٿي سگهندو؟

جيڪڏهن اسين روزمره جي زندگي ۾ ڏسون ته اسان جي فيملي ميمبران، ڪنهن رشتيدار يا ڪي گھرن دوستن سان ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش ايندو آهي يا نه انصافي ٿيندي آهي ته اسين اھڙي روش تي ھڪدم آپي مان نڪري ھوش وڃائي ويھندا آھيون. سڀ قانون ٽوڙي ھر حال ۾ قانون کي ھٿ ۾ کڻڻ جھڙا مشورا ھر ھر پيا سوچيندا آهيون. ۽ ڪٿي ته وري ننڍن وڏن اصولن کي ھڻي ھنڌ ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ لٺ جو جواب ڪُھاڙيءَ واري چوڻي کي برقرار رکي لائحه عمل جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون.ھتي حڪمرانن، چونڊيل نمائندن، وزيرن ۽ پوليس آفيسرن سميت، ھر عام و خاص کي اھو سوچڻ گھرجي ته ھڪ مھينو گذرڻ جي باوجود بي گناهه قتل ڪيل شھيد اجمل ساوند جي وارثن يا گھر ڀاتين جي اڄڪلهه ڇا ڪيفيت ھوندي؟ ھي ڏينهن ۽ رات انهن کان ڪيئن گذرندا ھوندا؟ بي گناهه نڪتل رت جي ڦوھارن جو سوچي شھيد اجمل جي والدين کي ھر ھر ڪيڏي نه تڪليف ايندي ھوندي. تقريبن ھڪ مھيني کان به مٿي جو عرصو گذرڻ بعد اجمل ساوند جي قاتلن جو گرفتار نه ٿيڻ توهان ۽ اسان جي ذھنن ۾ سوين سوال پيدا ڪري ٿو. عمومن عام طرح اسين سڀ ڏسندا آهيون ته جڏهن به سنڌ ۾ ڪو ننڍو يا وڏو واقعو يا حادثو ٿيندو آهي ته ان خلاف شروعاتي ڏينهن کان زور سان احتجاج ٿيڻ شروع ٿيندا آهن, جيڪي آھستي آھستي وقت جي گذرڻ سان گھٽجندا ويندا آهن. ۽ اڪثر اھڙا (events) ماضي جا قصا ۽ تاريخ بڻجي ويندا آهن. جنهن جو نتيجو اسان کي ڪجهه ھن طرح ملندو آهي جو, ھن ھنڌ تي فلاڻو ماڻهو پراڻي تڪرار سبب قتل ٿي ويو آهي. يا ھن علائقي ۾ فلان فلان شخص پراڻي تڪرار سبب گولين جو کاڄ بڻجي ويا آهن. جيئن تازو عيد واري رات سکر جي مياڻي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين جي جھيڙي سبب ڇھ لاش مليا هئا. جنهن جو ڪو به واضح سبب نه ملي سگھيو آهي. انسانن جي شخصيتن کي ٺاھيندي يا ڪنهن به فرد کي ڪنهن عھدي يا مقام تائين پهچائڻ ۾ زندگين جيتري عرصي جو وقت لڳي وڃي ٿو. ھِي اجمل ساوند، جنهن ولايت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، ايترو جو سموري سنڌ ۾ اھو ھڪ ئي شخص ھو، جنهن جي آرٽيفيشل انجينيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيل هجي. نه صرف ايترو پر ھو ٻاھرين ملڪن جي آفرن کي ٺڪرائي پاڪستان جي نالي واري اداري سکر آءِ بي اي ۾ پروفيسر طور خدمتون سر انجام ڏئي رھيو ھو. ھن شخص کي ايتري مقام تائين پهچائڻ ۾ يقينن ھن جي گهر جي فردن جون عمريون لڳيون ھونديون. اھڙي ھيري شخص جي بي سبب وھايل رت سان انصاف نه ٿيڻ پوليس آفيسرن ۽ لاڳاپيل ادارن کان سوين سوال پڇي رهي آهي.واضح  رهي ته استاد اجمل ساوند جو قتل اڳ ۾ طئي ٿيل منصوبي تحت ڪيو ويو. جنهن جا قاتل گرفتار ڪڏهن ٿيندا؟ ڪير ڪندو؟ ڪيئن ٿيندا ۽ ڪٿي ٿيندا جھڙا سوال فقط سوال ئي رھجي ويا. ڪجهه عرصي بعد ھِي واقعو پراڻو ٿي ويندو جيئن ھاڻي ٿيندو ٿو وڃي. ۽ ماڻهن جي واتان ماڻهن کي ٻڌايل ماضي جو قصو ۽ نيٽ تي پيل تاريخ بڻجي ويندو. الله ڪري شل ائين نه ٿئي. پر پوليس جي کنيل شروعاتي قدمن مان اسان ۽ توھان کي اھو محسوس ٿي رھيو آهي. ڇو جو قتل ڪيس ۾ گھربل ڏھن جوابدارن مان ڪو ھڪ به اڃا تائين پوليس جي ھٿ نه اچي سگھيو آهي.شھيد اجمل ساوند جو قتل سموري سنڌ، استادن، شاگردن ۽ وڪيلن سميت ھر شعور رکندڙ شخصيتن کي سوڳوار ڪيو ھو. جنهن جي نتيجي ۾ ھر ننڍن وڏن شھرن، ھر مڪتبه فڪر جي ماڻهن سول سوسائٽي ۽ سوشل ورڪرز سميت سياسي پارٽيز به احتجاجن ۾ ڀرپور حصو وٺنديون رهيون. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي تاريخ ۾ اھو پھريون احتجاج ھو، جنهن ۾ سياسي, سماجي، سول سوسائٽي، صحافين، ليکڪن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، وڪيلن، عورتن، ٻارن شاگردن ۽ مزدورن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان سلھاڙيل ماڻهن سميت ھزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي پوءِ به ڪارڪردگي اھا آهي جو نامزد ٿيل جوابدارن مان ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. پوليس جو جوابدارن کي رعايت ڏئي گرفتار نه ڪرڻ يا گرفتار نه ڪري سگھڻ جو نتيجو ڇا نڪرندو اھو توهان ۽ اسان جي سوچڻ کان به ٻاھر جو ٿي سگهي ٿو.پڙھيل  لکيل ۽ فقيري طبيعت جي شخصيت رکندڙ، يورپ ۽ آمريڪا کي ڇڏي سنڌ کي ترجيح ڏيندڙ، بين الاقوامي حيثيت واري ڊگري رکندڙ شھيد اجمل جو قتل ڪنهن ھڪ فرد، خاندان، گھر، ڳوٺ يا شھر جو نقصان نه آهي, بلڪه اسان سمورن سنڌ واسين ۽ سموري ملڪ جو نقصان آهي. جيڪڏهن استاد اجمل جا قاتل آزاد رھيا ۽ قانوني گرفت ۾ اچڻ کان آجا رھيا ته مستقبل ۾ اسان سڀني جو اڃا به وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.”انگريزن کي پڙهائيندو آھيان، ھڪ ڪلاڪ جا پاڪستاني ٽيھ ھزار ملن ٿا، مان پنهنجن کي پڙهائيندس.“ جھڙا شھيد اجمل جا چيل جملا تاريخ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. شھيد اجمل جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي. توھان ۽ اسان جي نسلن جي مستقبل جو قتل آهي. جنهن جي خُون سان انصاف ڪرڻ سنڌ جي حڪمرانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارن جو فرض آهي.