راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته عمران خان جيتري ڪوشش مون کي پارٽي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪئي آهي اوتري ڪنهن ٻئي لاءِ ناهي ڪئي. راولپنڊي جي علائقي چڪرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيوته اسان ڏاڍا نعرا هڻندا آهيون پر عمل ناهيون ڪندا، مُلڪ انتهائي نازڪ موڙ تي آهي ۽ اسان هڪٻئي تي الزام مڙهي رهيا آهيون، سياست ۾ گارگند عام ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هوته اسان کاهي جي ڪنڌي تي پهچي چڪا آهيون، مان سچ جو عَلم بلند ڪندو رهندس، عوام ۽ مُلڪ جي نمائندگي ڪندو رهندس، ماڻهو پڇن ٿا ته ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل ڇو نٿا ٿيو؟ مان چوندو آهيان ته گارگند واري سياست جو حصو نٿو بڻجڻ چاهيان. هن چيوته عمران خان منهنجو 50 سالن کان دوست آهي، اڄ به دوست آهي، ميدان ۾ اچي چُڪو آهيان، عزت عهدن سان ناهي ملندي، مون کي غريب ۽ پورهيتن جي مدد گهربل آهي، چونڊون اڄ ٿين سڀاڻي يا ڏهن سالن کانپوءِ مان ميدان ۾ هوندس. هن چيو ته مون ايم اين اي طور ئي خدمت ناهي ڪئي  پر ڪائونسلر طور به عوام جي خدمت ڪئي منهنجو مقابلو اُهي ڪري رهيا آهن جن اڄ تائين عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان چوندو آهي ته يار تون نٿو اچين ان ڪري اهڙن ماڻهن سان گذارو پيو ڪيان، جيڪي ماڻهو عمران خان جوجهنڊو کڻي ڦرندا آهن اُهي بينظير جو نعرو هڻندا هئا، پوءِ مشرف جا ساٿاري ٿي ويا ۽ هاڻي عمران خان سان گڏ آهن. چوڌري نثار چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ ڇا ٿيو ان جو سبب ڪجهه ٻيو هو، ان بابت ڪنهن ٻئي دفعي ٻڌائيندس، چاهيان ٿو ته چونڊن کانپوءِ ڪنهن جماعت ۾ عزت سان وڃان، باقي وزير ته مان جنرل ضياءَ، جوڻيجو ۽ غلام اسحاق خان جو  به هئس.