اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته آئين پاڪستان 20 سالن تائين در کڙڪائيندو رهيو پر ڪنهن نه ٻڌو، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آئين 1977ع کان 1988ع تائين 11 سال در کڙڪائيندو رهيو، ڪنهن به ٻڌو، آئين 1999ع کان 2008ع تائين 9 سال در کڙڪائيندو رهيو ان وقت به ڪنهن به ٻڌو، هن چيو ته آئين کي ڌڪا ڏئي عدل گاهن مان ڪڍيو ويو، ان وقت آئين جي دستڪ ٻڌڻ بدران آئين ٽوڙيندڙ هٿن کي چمي ڏئي بيعت ڪئي وئي، اڄ اها دستڪ ايڏي مقدس ڪيئن ٿي وئي ؟