چونڊن ۾ چھچٽو ڇو نظر نٿو اچي؟

0
45
چونڊن ۾ چھچٽو ڇو نظر نٿو اچي؟

 سپريم ڪورٽ ۽ خاص ڪري معزز چيف جسٽس جي واضح حڪمن ۽ آبزرويشنس جي باوجود چونڊن ۾ اها چس نظر نه پئي اچي, جيڪا اسان واري خطي جي مزاج مطابق هوندي آھي. ان حد تائين ته اليڪشن شيڊيول به اچي ويو ته نامينيشن يپپر به جاري ۽ جمع ٿين پيا، پوءِ به نه ته ايترا سياسي جلسا ٿيندي نظر اچن ٿا، نه ئي شھرن ۾ اها سرگرمي نظر ٿي اچي. بقول پي ٽي آءِ جي ته کين ته ليول پليئنگ فيلڊ يعني هڪ جهڙو موقعو به نه پيو ڏنو وڃي، جنهن ۾ سندن بد اعماليءَ جي باوجود ڪجھ سچائي به آھي، پر نون ليگ، جنهن جو سپريم ليڊر سزا يافته هوندي به سڀني سهولتن ۽ سولائي سان گهڻو اڳتي نڪري ويو آھي پر پوءِ به سواءِ بند ڪمرن جي ڀاشڻن جي گهڻو سوجهرو نظر نه پيو اچي. ها باقي بئريسٽر گوهر واري جماعت سڀني سختين هوندي به اڄ به وڌ ۾ وڌ هر فورم تي بحث جو موضوع بڻيل آھي. اهو ذڪر ڀل ته چڱن ۾ لفظن ٿيندو هجي يا ٻي طرح پر ميڊيا تي وڌ ۾ وڌ اسپيس وٽن موجود آھي. پيپلز پارٽيءَ جي دعويدار، پيءَ پٽ جي متضاد موقف باوجود ڀُٽن جي اها جماعت هن وقت واقعي اليڪشني سياست ۾ مصروف لڳي ٿي. چيئرمين بلال منظر تي رهي چونڊ مهم ۾ مصروف آھي ته سينيئر زرداري. جنهن ڪم ۾ مهارت رکي ٿو، ان ۾ رڌل آھي. باقي موسمي اڳواڻ به موسم تبديل ٿيڻ جي آسري تي پنهنجي حيثيت يا روايت مطابق ڪنهن جي حق ۽ ڪنهن جي برخلاف صف آرائي جي ڪوششن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪلهو اٽڪائڻ  جي ڪم ۾ مصروف آھن. اسان جي اڪثر سياسي خاندانن لاءِ سياست ملڪي معاملات کي هلائڻ ۽ حڪومتي وهنوار کي ملڪ ۽ قوم جي ڀلي خاطر جاري رکڻ بدران جوڙ توڙ جي سياست ڪري ڪڏهن دوست ڇڏي سخت مخالف جو ساٿ ڏيڻ رهيو آھي ته ڪڏهن وري ساڳئي اتحادي کي وچ سير ۾ ٻڏندو ڇڏي ورڇ واري ليڪ جي ٻئي پاسي بيهي ان کي بد شد ڳالهائڻو آھي۔ فردوس عاشق اعواڻ ۽ چوهاڻ جهڙا کوڙ شايد ڪنهن کان وسريا هجن. ان ڪري اها “مخلوق” سياست ڪاروبار خاطر ڪندي آھي. اهو ڪاروبار اڄڪلھ ڊرائنگ رومن ۾ طئي ٿئي پيو. مال سارو ملھ آھي يا وري کوٽا سڪا به وقتي طرح سون جي اگھ وڪامڻ خاطر ڀرپور جدوجهد ۾ مصروف آھن. اصل مسئلو اهو پيو نظر اچي ته سڀ ڪجھ ساڀيان نظر ايندي به اڃا به ملڪ ۾ بي يقيني ڇو آھي؟ يا اها بي اعتباري هٿ وٺي پکيڙي پئي وڃي يا وري مورڳو ڪي ٻيا ڪارڻ آھن، جنهن سبب عوام ته ڇڏيو پر سياسي جماعتون به مونجهاري ۾ منجهيل آھن.

زباني ڪلامي ته سڀ ڪو چونڊن مقرر تاريخ (جيڪا ڪافي آئيني خلاف ورزين کان پوءِ مجبوريءَ ۾ مقرر ڪرڻي پئي آھي) تي ڪرائڻ جي حامي نظر اچي ٿو پر سواءِ نئين چيف جسٽس ۽ سندس سوچ سان سهمت ڪجھ معزز جج حضرات جي، هر ڪنهن ڪا نه ڪا رڪاوٽ وڌي آھي. سڀ کان اڳ ۾ خود اليڪشن ڪميشن جي نيت تي به لاڳيتو شڪ پيدا ٿيندو رهيو ته واقعي هو وقت سر چونڊون ڪرائڻ جي نيت رکن به ٿا يا نه؟ جنهن جو ثبوت سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي 15 ڊسمبر واري ٻڌڻي دوران سامهون آيو، جڏهن عدالت سڳوري لاهور هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر کي رد ڪري رهي هئي، ان وقت به اليڪشن شيڊيول جو ڪو تيار ڪاغذ نه وڪيل وٽ ھو، نه ئي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن وٽ. ان رات سڀ ڪنهن کي لڳو پئي ته ڪميشن کي چيف جسٽس جي واضح ۽ سخت موقف سبب شيڊيول پڌرو ڪرڻو پئجي ويو، نه ته محض اهو الزام ڪنهن ٻئي ڏانهن منتقل ڪرڻو هو ۽ بس. نه ته ريٽرننگ آفيسرن جي ٽريننگ تي بحث پنهنجي جاءِ تي پر شيڊيول جاري ڪرڻ کان کين ڪنهن ٿي روڪيو؟

ان کان پوءِ جمعيت علماءِ اسلام جو سربراھ ڪنهن مهل سخت سردي ته ڪڏهن دهشت گرديءَ کي بهانو بنائي چونڊون منعقد ڪرائڻ جي مخالفت ڪندي نظر آيو. نون ليگ اڄ به چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ شايد پرجوش ان ڪري نظر نه پئي اچي ته هڪ ته جماعت کي ميان صاحب جي واپسيءَ کان پوءِ پنجاب مان سياسي سونامي جي جيڪا اميد هئي، اها بلڪل به پوري نه ٿي سگهي. جنهن جو وڏو سبب پي ٽي آءِ جو وڌيل اثر آھي ۽ ٻيو ته پارٽي جي مک ڪردارن ۽ خاص ڪري وزير خزانه سورهن مهينن واري حڪومت ۾ عوام لاءِ جيڪي اهنج پيدا ڪيا، اهي عمراني دؤر جي خطائن سميت سندن ڪنڌ ۾ پئجي ويا آھن. ٻيو سبب هي آھي ته ظاهري بيانن جي باوجود جيتري تائين نواز شريف جي نا اهلي بابت سپريم ڪورٽ وٽان ڪو چٽو فيصلو صادر نٿو ٿئي، تيستائين سندس ايندڙ چونڊن ۾ بهرو وٺي ۽ خواهش يا ضد مطابق وزير اعظم ٿيڻ جي سبيل شڪ ۾ ھوندي. ان ڪري کين چونڊن جي دير سان ٿيڻ ۾ بهتري نظر اچي ٿي. وري اها سوچ به ڪافي هنڌن تي ستائيندي هوندينِ ته عمران خان کي سائفر ۽ 9 مئي جهڙن ٻين ڪيسن ۾ جيستائين ڪا پڪي پختي سزا نٿي اچي، تيستائين چونڊون خطري کان خالي ناهن. آصف علي زرداري جو ويجهڙائي ۾ ڏنل بيان، جنهن ۾ موصوف ڪجھ ڏينهن لاءِ اليڪشن ملتوي ٿيڻ تي ڄڻ ته راضپو ڏيکاريندي سڀ اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ ھجڻ جي وڪالت ڪئي ۽ اڻ سڌي طرح چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي حمايت ڪندي محسوس ٿيو. ايم ڪيو ايم ته سدا سهاڳڻ جماعت آھي، جيڪا هميشه حصو پتي ملڻ کان پوءِ جائز ناجائز حمايت ڪرڻ ۾ حدون اورانگهيندي رهي آھي. هن دفعي به جيڪا وڏن جي مرضيءَ تي راضي رهڻ جو اظھار ڪري چڪي آھي. فنڪشنل ۽ ان جا اتحادي جي- ڊي- اي جا وڻ وڻ ڪاٺي وارا صاحبان به موسم جو مزو وٺن پيا. ق ليگ ۽ بي اي پي، جيڪا سڀني جي ‘باپ’ سڏائيندي پنهنجي اولاد جي ورهاست ۾ لڳي پئي آھي. اهي سڀ ڪنهن جي راند جو حصو ٿيڻ لاءِ مهرا رهندا آيا آھن، جيڪي ضرورت مطابق بادشاھ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مناسب وقت اچڻ تي پاڻھي رکندو. جهانگير ترين وٽ جھاز، شگر ملون، زمينون ۽ دولت ضرور آھي، جن ذريعي لوٽا خريد ۽ ٽرانسپورٽ ته ڪري سگهجن ٿا پر خيبر پختونخوا جي خٽڪ وانگر پارٽي سربراھ ٿيڻ جي باوجود اڃا “ليڊر” جي قد ڪاٺ تي شايد نه رسيا آھن يا ائين ته هر ڪو ليڊرشپ يا قيادت ڪرڻ لاءِ پيدا به نه ٿيندو آھي. پڇ ٻڌل مَهري پنهنجي مرضيءَ تي هلي به نٿا سگهن. ان ڪري سندن حيثيت ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي باپ پارٽين کان وڌيڪ ٿي نٿي سگهي. بس “اسپائلرس” جو ڪردار سو ادا ڪندا، جنهن ۾ نه صرف پي ٽي آءِ پر پي پي پي ۽ نون ليگ کي ڇيهو رسندو ۽ ڪا به حڪومت اهڙن ڌڙن کان سواءِ نه ٺھي سگهندي. ان ڪري چونڊون جيڪڏهن بي مزه آھن ته ان جو سبب سياسي ڌرين جي ڪمزوري يا عدم دلچسپي به آھي. پوءِ به جيڪڏهن چونڊون منعقد ٿي به ويون ته ان جو سڄو ڪريڊٽ پوري عدليه بدران سپريم ڪورٽ کي ويندو، جنهن لاهور هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ باقي هاءِ ڪورٽس جي اليڪشن معاملن ۾ مداخلت جو دروازو 18 ڊسمبر تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي خلاف اپيل وقت چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين بند ڪري ڇڏيو آھي. عدالت سڳوري اهڙا فيصلا ان ڪري ڏئي رهي آھي، ڇو ته وڌيڪ فائدي خاطر ٿورو نقصان برداشت ڪري وڃبو آھي ۽ هونئن به ويجھڙائي ۾ اسان جي ڪجھ اعليٰ عدالتن جي جج حضرات جا فيصلا جانبداريءَ جي الزامن سبب تنقيد جو نشانو به بنجندا رهيا آھن.

چونڊ سرگرمين ۾ تيزي نه اچڻ جو هڪ سبب ملڪي معيشت جي ڪمزور حالت به آھي ته عوامي غربت به آھي. عوام پيٽ جي پورت ڪري يا ڪنهن چوڌري ۽ وڏيري لاءِ نعرا هڻي! سياسي جماعتن کي ملڪي اقتصادي حالت، قرضن جي ڪوٽ ۽ آءِ ايم ايف جهڙن ادارن جي سخت رويي سبب خوف آھي ته کين کڻي اقتدار ملي به وڃي ته به اهڙين مشڪل حالتن ۾ ملڪ کي ڪيئن هلائبو؟ ان کان سواءِ سڀني جماعتن کان اها ڳالھ ڳجهي ناهي رهي ته پنهنجين نالائقين ۽ سياسي ‘پولرائيزيشن’ جي نتيجي ۾ نه صرف هنن هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪي سياسي قوتن کي ڪمزور ڪيو آھي پر ان وچ ۾ ٿيندڙ سوديبازين سبب سول حڪمراني ڪرڻ لاءِ ٿورو گهڻو موجود اسپيس يا گنجائش به هنن ٻين سگهارين قوتن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ٻوڏ جي ڏينهن ۾ جهڙي طرح درياءَ جون لهرون اندران اندران پائي يا کاڌ ڪري وڏا وڏا بند ٽوڙي وجهنديون آھن، تيئن سياستدانن پنهنجون پاڙون پاڻ کوٽي سول سپرميسي لاءِ باقي پوئتي ڪجھ بچايو ئي ناهي، جنهن تي پڳون پائي وڏي جوش سان اچي براجمان ٿين. ان ڪري هنن چونڊن جو ماحول اهڙو هوندو، جهڙو ڪنهن ڪاڄ واري گهر ۾ ساڳئي ڏينهن تي ڪا فوتگي ٿي هجي. ان احساس کان ڪا به سياسي جماعت يا اڳواڻ خالي نه هوندا ته موجوده ڇڪتاڻ ۽ ڌڙابندي جي ماحول ۾ نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ سميت ڪا به پارٽي واضح اڪثريت ماڻي نه سگهندي. ان صورت ۾ اتحادي حڪومت ئي هلائڻي پوندي، اها به انهن اتحادين جي تعاون سان، جن جي حيثيت معمولي هوندي ۽ مطالبا بي حساب. نه صرف ايترو پر اهي “اسپائلرس” ڌڙا ايندا ئي پنهنجن ڀوتارن جي آشيرواد سان آھن، ان ڪري ڀروسي لائق به نه هوندا آھن. ڪنهن ڪنهن جي مڃبي، سو ڏاڍو ڏکيو مرحلو هوندو.

بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي ڪجھ ضلعن ۾ دهشتگردي چوٽ چڙھي وڃڻ به اليڪشن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي راھ ۾ رڪاوٽ آھي. پي پي ۽ اي اين پي اهي جماعتون آھن، جن 2007ع، 2013ع ۽ 2018ع کان انهن موت ۽ وحشت جي سوداگرن هٿان وڏا صدما سهي قيادت جا اهم ترين اڳواڻ به قربان ڪرايا آھن پر هن وقت عمران خان جي قربت ۽ سابق اسٽيبلشمنٽ جي ڪوتاھ انديشي سبب انهن قاتلن کي هٿيارن سميت اسان وري ملڪ ۾ واپس اچڻ جي ڄڻ ته دعوت ڏني. ان جي نتيجي ۾ اسان جي دفاعي ادارن ۽ پوليس جا جوان هر روز جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آھن پر معاملو ڏينهون ڏينهن خراب ئي ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ڪو واقعو ٿئي ٿو ته مارجي ويندڙن ۾ دهشتگردن جو تعداد گهٽ ۽ اسان جي شھيدن جو انگ گهڻو ڪري وڌيڪ هوندو آھي، جيڪو 25 ڪروڙ عوام وارو جوهري طاقت رکندڙ ملڪ ڪنهن به طرح برداشت نٿو ڪري سگهي. اڄ معاملا ايترا خراب ٿي چڪا آھن، جو سابق وزير داخلا ته جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت لاءِ سڀني کان وڌيڪ خطري جو اشارو ڏنو. جيتوڻيڪ اهي ان مذھبي جماعت جا نه صرف هم مسلڪ ۽ شاگرد آھن، ڇو ته اڪوڙه خٽڪ جي درسگاھ ڀلا ڪنهن کان وسري هوندي! معاملو ان حد تي اچي پهتو آھي ته پاڪستان اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي سر زمين تان ٿيندڙ ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جي ڪاررواين خلاف اهڙي شڪايت پيش ڪري ڇڏي آھي. ان خدشي سبب به سياسي پارٽيون ۽ انهن جا ڪارڪن پاڻ کي گهڻي جوکي جي حالت ۾ آڻڻ کان ڪترائيندا هوندا.

هي وطن هن وقت صرف اليڪشن ڪرائڻ ۽ جمهوري تسلسل کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۾ ئي مصروف نه آھي پر اصل ۾ بقاءَ جي جنگ جاري آھي، جنهن ۾ ملڪي استحڪام به حاصل ڪرڻو آھي، جيڪو سماجي ۽ جمهوري استحڪام کان سواءِ ممڪن ناهي. اهو استحڪام صرف منصفانه ۽ برابري جي بنياد تي منعقد ڪرايل چونڊن ذريعي ئي ممڪن آھي. عمران خان ۽ شاھ محمود قريشي جون سائفر ڪيس ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ سان عدالت جي نيڪ ارادن جو اهڙو اظھار سامهون آيو آھي. نگران حڪومت جيتري سڪون ۽ اعتماد سان پاليسي فيصلا ڪري ڊگھي عرصي وارا منصوبا پيش ڪري رهي يا اهڙا فيصلا ڪري رهي آھي، جنهن جا اصل نتيجا ايندڙ حڪومت کي ڀوڳڻا پوندا ته اهڙن فيصلن سبب به عوام الناس ۾ بي اعتباري جو احساس پختو ٿيندو وڃي. ان ڪري محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته هي صاحب ته وڃڻ جو ارادو ئي نٿا رکن. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن کي چونڊن جو بخار چڙھي ته ڪيئن چڙھي!؟ رهندو سياسي پارٽين کي اليڪشن جو ٻڌي “ٻَرو” ٿو چڙھي.

تازي واردات وري  ليگل ڪميونٽي طرفان نظر آئي، جنهن تي هر طرح جو شڪ ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل ۽ سنڌ بار وارا صاحبان ته نئين چيف جسٽس جي صائب فيصلن جا نه صرف حامي رهيا آھن پر انهن جو دفاع به ڪندا رهيا آھن. اهي ڪيئن اوچتو اوچتو چيف جسٽس جي فيصلي ۽ سخت موقف باوجود اهڙيون قراردون پاس ڪري ميڊيا ۾ اچي ويا، جن جي گهرائيءَ ۾ وڃي ڏسبو ته اها هڪ طرح جي چونڊن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي اڻ سڌي ڪوشش آھي. شيڊيول جاري ٿيڻ کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفا جو مطالبو ڪرڻ ڪنهن به جمهوريت پسند کان ته ھضم نه ٿيو هوندو، پر بيان جاري ڪرڻ کان پوءِ ان جا محرڪ به ڪافي دفاعي پوزيشن تي نظر آيا. چيو پيو وڃي ته اهڙي اگري عمل پٺيان سپريم ڪورٽ بار جي هڪ سابق صدر جي ذاتي خواهش پوري نه ٿيڻ جو “ڏوھ” آھي، جنهن جي سزا سڄي ملڪ کي ڏيڻ جي حرڪت ڪئي ويئي. هن ملڪ ۾ قاضي جي عدالت هوندي بار جي اڪابرين کان ڪو به اهڙي  توقع نه رکندو هوندو ته آئين ۽ قانون جا رکوالا ماهر توڙي مستقبل جا اعليٰ عدالتن جا جج سڳورا ڪو اهڙو عمل ڪري وجهندا!! اليڪشن ڪميشن ۽ ان جا اعليٰ عهديدار سڀ ڪجھ ٺيڪ نه به ڪري رهيا هوندا، پر وڏي برائيءَ کان بچڻ لاءِ ننڍي برائي ڪرڻ اسان جهڙي بي انصاف سماج ۾ ھلي ويندو آھي، جتي واري واري سان لاڏلا پيدا ڪبا آھن ۽ پوءِ انهن کي وقت کان اڳ جو موت ماري ڇڏبو آھي. تازو ئي هڪ  لاڏلي مان مس مس جان ڇٽي، سا به سندس غرور ۽ بيوقوفي جي ڪري ته وري هڪ مها لاڏلو تاتجي تيار ٿي ويو آھي. ان طرح ھي چوٿو (چوٿ) ارب آباديءَ جو ملڪ سولائي سان ته هلائي نه سگهبو. هن ڊجيٽل دور ۾ اصل عمران اڊيالا ۾ ھوندي به سوشل ميڊيا جي ففٿ جنريشن واريئرس، آرٽيفيشل انٽيليجنس يا مصنوعي ذھانت ذريعي پنهنجو ڊمي خان خلقي “ميري پاڪستانيو” وارو خطاب به ڪرائي ڇڏيو. نه صرف ايترو پر ڪجھ ھزار ڏسندڙن کي ٽڪسالي سان 40 لک ڪري پيش ڪيو ته، “ميري نوجوانؤ” واري مخلوق قبول به ڪري ورتو. پي ٽي آءِ پنهنجون واڳون وڪيلن حوالي ڪري، لڳي ٿو ته ڪافي ڪامياب چال کيڏي آھي. هڪ طرح نه ته ٻي طرح ان جماعت جا اميدوار ميدان ۾ ته ھوندا. ان ڪري ڪنهن جماعت تي قانون جي جائز دائري کان ٻاهر ڪا پابندي نه هجڻ گھرجي. بَلي يا بيٽ جي نشان تبديل ڪرڻ سان ايترو فرق پوندو، جيترو تلوار ۽ سائيڪل جو نشان تبديل ڪرڻ سان پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ تي فرق پيو هو. حقيقت اها آھي ته سڀني ٻٽاڪن جي باوجود پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ سادي اڪثريت به نه ماڻي سگهندا. ان ڪري سڀني کي کليو ميدان مليل هوندو ته چونڊن جي ڪريڊبلٽي/ساک به هوندي، نه ته اهي ئي ڌرڻا، احتجاج ۽ سيليڪٽڊ جا نعرا هوندا، جنهن سبب ملڪي معيشت، معاشرت، سياست، امن وامان ۽ سڀ کان مٿي، ملڪ جي استحڪام ۽ بقاءَ کي نقصان رسندو، جيڪو پڪ سان ڪنهن لاءِ به قابل قبول نه هوندو. اميد ڪري سگهجي ٿي ته نامزدگيءَ جا فارم ڀرجڻ ۽ اميدوارن جا نالا سامهون اچڻ کان پوءِ چونڊن جو چھچٽو به نظر ايندو.