اسلام آباد پوليس جو ڊراڪولائي روپ!

0
57
ڪڻڪ جو ميگا اسڪينڊل ۽ جاچ ڪميٽيءَ جو لالي پاپ

اسان ‘واٽر پروف’ ۽ ‘شاڪ پروف’ لفظ ٻڌندا رهيا آهيون پر ڪجهه ڏهاڪن کان هڪ نئين لفظ/اصطلاح جو واڌارو ٿي ويو آهي ۽ اهو آهي ‘احتجاج پروف’! اهو اصطلاح اسان جي حڪمرانن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جن تي ننڍن ننڍن احتجاجن جو ڪوبه اثر نٿو ٿئي ۽ پنهنجي ان رويي سان اهي پاڻ به عوام کي ڪنهن وڏي احتجاج جي ترغيب ڏين ٿا، ۽ جڏهن ڪو اهڙو وڏو احتجاج ٿئي ٿو ته احتجاج ڪندڙن تي بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو. احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ئي مشقِ ستم بلوچ ڪٽنبن جي نياڻين تي به آزمائي وئي، جيڪي جبري گم ڪيل پنهنجن پيارن جي آزاديءَ لاءِ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ اسلام آباد روانا ٿيا ته انهن جي رستي روڪ ڪئي وئي ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد اڳيان پرامن احتجاج ڪرڻ نه ڏنو ويو. رات جي پوئين پهر ڌرڻي واري هنڌ تي هلان ڪري ٽئنٽ پٽيا ويا، عورتن تي تشدد ڪري کين گرفتار ڪري ٿاڻن ۾ واڙيو ويو ۽ آءِ جي اسلام آباد غلط بياني ڪندي بلوچ نياڻين جي ٿاڻن ۾ هجڻ جي ترديد ڪئي. احتجاج ڪندڙن جي گرفتارين خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، آءِ جي اسلام آباد کي احتجاج ڪندڙن جي گرفتارين ۽ آزاديءَ بابت لکت ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. صدر مملڪت ۽ وزير اعظم پڻ احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين سان پوليس جي “غيرمناسب” ورتاءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

جبري گمشدگين وارو معاملو هونئن ته تمام گهڻو پراڻو آهي پر پرويز مشرف جي دور ۾ ان ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي ۽ اڃان تائين ايڪسيليٽر تان پير نه هٽايو ويو آهي. توڙي جو جبري کنڀيل ماڻهن جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪميشنون جڙيون، پر انهن به ان پراڻي مسئلي کي حل نه ڪيو. ان سان عالمي سطح تي به اسان جي ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. هونئن ته جبري گمشدگين وارو مسئلو سڀني صوبن جو آهي پر بلوچستان جي نوجوانن جو تعداد ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. اسان هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته ڪو اهڙين غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالتن کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ الزام هيٺ ايندڙن کي پنهنجي دفاع جو پورو حق ڏنو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته بلوچستان جو مسئلو سختيءَ سان حل نه ٿيندو. تشدد سان رياست خلاف ڪاوڙ ويتر وڌندي ۽ بلوچستان جي هن جاگرافيائي سٽاءَ سان تعلق جي تند وڌيڪ ڪمزور ٿيندي. بلوچستان کي عوامي سطح تي محبت جو پيغام ڏنو وڃي. ڪاوڙيل گروهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن. جڏهن طالبان سان مختلف وقتن تي ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن ته بلوچن سان ڇو نٿيون ٿي سگهن؟ شهرين کي پرامن احتجاج کان ڪوبه قانون نٿو روڪي، پر ڇا ڪجي! پاڪستان جي پوليس اڃان به ‘گورا صاحب’ واري بيٺڪي دور ۾ زنده آهي. اهو ئي جبر وارو انداز ۽ اهو ئي ڏهڪاءُ، اهو ئي ڊراڪولائي روپ! رات جي پوئين پهر جهڙي نموني پوليس احتجاج نياڻين جي تنبن تي هلان ڪري تشدد ڪندي انهن کي گرفتار ڪيو، ان لاءِ لغت جا سمورا ملامتي لفظ ٿورا ۽ اڻپورا محسوس ٿين ٿا. اسان کي اها خبر نه آهي ته پوليس کي ان جي تربيت دوران انساني حقن جي تعليم ڏني وڃي ٿي يا نه پر پوليس جي انداز مان ڪنهن به ريت ان تربيت جو اولڙو نظر نٿو اچي.

جبري گمشدگين وارو معاملو انتهائي ڳنڀير ٿيندو وڃي، جنهن ڏانهن سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. عدالتون به ان معاملي ۾ متاثر ڪٽنبن کي انصاف ڏيارڻ ۾ بيوس نظر اچن ٿيون. اهو مسئلو تڏهن ئي حل ٿيندو، جڏهن جبري گمشدگين جي حوالي سان اثرائتي قانون سازي ٿيندي. اسان پرامن احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين تي تشدد ۽ انهن جي گرفتارين جي مذمت ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته پرامن احتجاج جو قانوني حق استعمال ڪندڙن تي تشدد جو فيصلو جنهن به سطح تي ٿيو هجي، ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. اهو تماشو ميڊيا جي اکين سان سڄي دنيا ڏٺو ۽ ملڪ جي بدنامي ٿي.