عام چونڊن جون تياريون ۽ عوام

0
40
عام چونڊن جون تياريون ۽ عوام

 گذرندڙ سال دھشتگرديءَ سان عبارت آھي. ھڪ آھي طالباني دھشتگردي، ٻي سندن بي ھٿيار برگيڊ جي دھشتگردي. اھا دنيا جي ھڪ خطرناڪ ترين دھشتگردي آھي، جا ذھنن کي مڏو ڪري ٿي. ھتي سندن ھڪ سياسي پارٽي آھي، جا گھڻن ئي کي “ڪافر ڪافر” چوندي وتي. جيئن ته ان جا دھشتگرد چست چالاڪ آھن، سو انھن جي شر کان الله بچائي. اھي ڪھڙي به خيال، مسلڪ، رسم روايت جي پرچار ڪن پر ضرورت پوڻ تي ھنن لاءِ ھر شئي حلال ٿي وڃي ٿي، جيئن اسان وٽ  اسٽيبلشمنٽ لاءِ آھي. سو چون ٿا ته ھن ملڪ ۾ ڪجھ به ٿي سگھي ٿو. نواز ليگ سربراھ چواڻي، غريبن کي غربت کان آجو ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪندا يا مثالي انصاف ڪندا. اھڙي دعوا ملڪ جي انھن سڀني 168 پارٽين جي آھي، جيڪي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ آھن. اھي سڀ اليڪشن ۾ حصو وٺندا پر گھڻن کي خبر آھي ته انھن وٽ ووٽ آھن ئي ڪونه. اھي ميدان ۾ ڇو آھن!

                 نواز ليگ چوي پئي ته ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪندي ۽ ان جي خيال ۾ خساري ۾ ويندڙ ادارن کي نجڪاريءَ ھيٺ آندو ويندو. ان ڪئين ڀيرا آزمايل پارٽيءَ ھڪ 9 نڪاتي پروگرام ڏنو آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته اھا رڳو انھن سرمائيدارن لاءِ ڪم ڪندي، جيڪي کيس اقتداري ايوانن ۾ آڻيندا. البته اتي کين حقيقي حصو ڪيترو ملندو، ان جي ڪابه خبر ناھي. تجربي ۽ مشاھدي جي بنياد تي ڳالھ ڪجي ته اھو حصو اوترو مس ھوندو، جيترو شھباز شريف کي پي ڊي ايم دور ۾ گذريل مھينن ۾ رھيو. يعني ڪجھ به نه. ڇو ته وڏا  فيصلا  نظر ايندڙ ڪابينہ  ۾ نه ٿيندا آھن. پر پوءِ به ھي چوڻ درست نه چئبو ته ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ سپهه سالار آھن. ھتي حرف آخر سرمائيدارن جو ھوندو آھي، جن ۾ انھن سان سان گڏ وڏا واپاري، صنعتڪار، وڏا زميندار وغيره ھوندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن آءِ ايم ايف جھڙا گروپ ٽنگ اڙائين ٿا، جيڪي عالمي سامراج ۾ شامل قوتون  آھن.

چونڊن ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳڻ جا امڪان گھٽ آھن، البته عمران خان کي مائنس ڪيو ويو آھي. ان حالت ۾ به اھا ليگين توڙي ٻين جا ڏند کٽا ڪري سگھي ٿي. ڇوته عمران خان جي اسيريءَ سبب گهڻا ماڻھو ان کي مظلوم ٿا سمجھن.  ھاڻي ته ان جي واڳ به ظاھر ۾ بئريسٽر گوھر جي ھٿ ۾ ڏني وئي آھي، شايد بيٽ جو نشان به کسيو وڃي. سو باني اڳواڻ جي غير حاضريءَ ۾ ان کي ووٽ ڪيئن ۽ ڪيترا ملندا، اھو سوال پنھنجي ھنڌ پر اصل مونجھارو اھو آھي ته تڪن تي اميدوار ڪھڙا ملندا! جڏھن ته گھڻن ئي مک اڳواڻن ۽ مشھور ميمبرن کي باندي بنايو ويو ۽ ڪيترن ئي کي سياست کان ئي توبھ ڪرائي وئي آھي. صنم جاويد قيد مان اميدوار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي.  پ پ اعلان ڪيو آھي ته پي ٽي آءِ سان اتحاد نه ڪيو ويندو. عجيب ڳالھ اھا آھي ته خيبر پختونخوا جي گورنر غلام علي گورنر ھائوس ۾ آصف علي زرداريءَ کي دعوت ڏني ۽ وري ان ھائوس ۾ گورنر غلام علي جي اڳواڻيءَ ۾ جي يو آءِ جي وفد آصف سان ملاقات ڪئي! ڪي پي ۾ ڪجھ سيٽون ملڻ جو پ پ کي آسرو آھي. ايترو بلوچستان ۾ ان کي آسرو ناھي پر  اتي پ پ ڪو سرپرائيز ڏئي سگھي ٿي، جيئن پ پ وارا دعوا ڪري رھيا آھن.

پنجاب ۾ پ پ گھڻي سرگرم آھي، جتي  ان لاءِ اڳي ڌرتي تنگ ڪئي وئي ھئي. ھن وقت به ظاھر ۾ ان جو گھڻو زور سرائڪي علائقي تي آھي. ان صوبي ۾ حقيقي صورتحال جو اندازو ايڏو سولو به ناھي، ڇوته ملڪي ڪار وهنوار جي جادوگري اتي ھٿ وٺي حالتون گڙٻڙ واريون ڪري ليگي اڪثريت ڏيکاري ھئي ۽ ھاڻي به ڌانڌليءَ جا امڪان چٽا آھن. پنجاب ۾ سياسي انجنيئرنگ ڪندڙن جي عيوضي رپورٽرن پنجاب ۾ پ پ جي سيٽن ۽ ووٽن کي رد نه ڪيو آھي. ان مان لڳي ٿو ته پ پ کي به چيو ويو آھي ته اھا پنھنجي طاقت ۽ ڪاريگري ڏيکاري. پر پنجابي سياست جو وڇون ان کي ڏنگ نه ھڻي، اھو امڪان جي حدن کان به ٻاھر آھي. پنجاب ۾ اڄ به ڪنھن حد تائين ميدان سوڙھو رکيو پيو وڃي. ان ھوندي سنڌ تي پ پ گھٽ ڌيان ڏئي رھي آھي. ڇا پ پ وارا سمجھن ٿا ته سنڌ انھن جي کيسي ۾ پئي آھي؟ اھو ضروري ناھي ته سنڌ جا ووٽر ان کي ايتري حد تائين چاھين جو ٻين تي انھن جي اک نه ٻڏي. پ پ اسٽيبلشمنٽ کي وڏي اھميت ڏئي ٿي پر اھا پ پ کي نه ٿي اھميت ۽ اوليت ڏئي. پ پ مخالفن جو ھڪ وڏو اتحاد آھي، جيڪو سڄي ملڪ جي طاقتور دعويدارن جي حامين جو آھي. ان  ۾ جتي ايم ڪيو ايم آھي، اتي اسٽيبلشمنٽ واري پاسي جي ھڪ جي يو آءِ به آھي. راشد محمود سومري بلاول سان مقابلي جو اعلان ڪيو آھي. ان ريت ٻيا ڪي نظرانداز نه ڪرڻ جھڙا ماڻھو سامھون اچي سگھن ٿا. ٿر ۾ پ پ جو  جلسو انھن جي اميد مطابق ٿيو پر ان بعد پ پ اڃا سنڌ ۾ عوامي رابطي جي مھم گھٽ ھلائي آھي. پ پ اڳي جيان اليڪٽيبلز کي تڪن تي اميدوار ڪري رھي آھي، جن مان گھڻا عام ماڻھن کي ليکيندا ئي ناھن. ان ڪري انھن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪيئن تيار ڪيو ويندو! ھيءَ ڳالھ درست مڃي سگھجي ٿي ته پ پ جا ووٽر ٻي ڪنھن پارٽيءَ کي ووٽ نه ڏيندا پر اھي پ پ جي اليڪٽيبل اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ گھرن يا ڪم وارين جڳهن مان نڪرن، سو يقيني ناھي، خاص طور ان حالت ۾ جڏھن کين اٽو، لٽو، اجھو نه مليو ھجي. انھن اليڪٽيبلز مان گھڻا يا 95 سيڪڙو اھي آھن، جي سڄو ٽرم ھڪ لفظ به نه ڳالھائيندا ھئا. “ڄٽ ملوڪ، گلم جو زيان”!

گذريل چونڊن  ۾ مثال طور ڪجھ ترقي پسند اميدوارن کي کٽڻ نه ڏنو ويو. کين مليل ووٽن کي  زيان ڪيو ويو ۽ ڪورٽن ۾ به داد فرياد نه ٿئي ته پوءِ! چئبو ته عام ماڻھن جي پويان باھ، اڳيان ڀت آھي. ھنن سامھون سڀ اميدوار ھڪجھڙا يا ويھ اڻويھ جي فرق سان آھن. سو مونجھارو حقيقت آھي. عوام جي ٻڌيءَ سان ان جا نمائندا ھجن ھا ته ميدان ڪجھ ٻيو منظر ڏيکاري ھا. ماڻھو جيڪڏھن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ئي نه وڃن، تڏھن به ڪو فائدو ناھي، ڇوته ھتي جمھوريت جي اصليت کي ڪير ليکي ئي نه ٿو. ھتي عوام جي نه پر اشرافيا جي حڪومت آھي. سو جيڪڏھن ڪل ڏھ ووٽ به ڪاسٽ ٿيندا ته 6 ووٽ کڻندڙ کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو. انڪري عوام  جي گھڻگُھرن وٽ اھا ئي واٽ بچي ٿي ته عوام کي پنھنجي اتحاد واري قوت پيدا ڪرڻ جي اپيل ڪن. ڀٽائيءَ چواڻي:

واڪو ھڏ مَ لاھ، سڏن مٿي سڏڙا،

مانَ تنھنجي ڪاء، سڳر ۾ سار ٿئي.