ڪارپوريٽ فارمنگ: امڪان ۽ انديشا!

0
60
ڪارپوريٽ فارمنگ: امڪان ۽ انديشا!

 ڪارپوريٽ فارمنگ جي تشريح ڪجي ته معنا زرعي پوکيءَ جي ڪمپني جي مدد سان آبياري ڪرڻ! مطلب ته ڪا عالمي ڪمپني مقامي ڪمپني/رياست جي تعاون سان گڏيل پوکيءَ جا بنياد وجهندا. اسان وٽ اهو نئون تجربو آهي پر ان جي تاريخ لڳ ڀڳ هڪ صدي اوائلي آهي!

                 1917ع جي انقلاب کان پوءِ سوويت يونين (روس) هڪ طرف بدترين گهرو ويڙهه کي منهن ڏيئي رهيو هو. ٻئي طرف ٻاهرين دنيا ساڻن ڪنهن به قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. ٽئين طرف روس زار جي باقيات واري جاگيرداريءَ کان مڪمل جان ڇڏائڻ جي جستجو ۾ هو، ۽ چوٿين طرف پنهنجن جي غدارين سان به مد مقابل هو. شايد ان ڪري ئي لينن چيو ته انقلاب هڪ نئين ڄاول ٻار مثل آهي، جنهن جي پرورش لاءِ ڪيئي منزلون طئي ڪرڻيون پونديون! لينن ڄاتو پئي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط ارادي ۽ فيصلاساز کي واڳ ڏيڻ اڻٽر آهي، جنهن لاءِ سندس چونڊ اسٽالن جي روپ ۾ ئي رهي. اسٽالن اهو اڳواڻ ثابت ٿيو، جنهن روس جي تقدير تبديل ڪري ڇڏي. اڄ جو روس جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ آمريڪا کي زير ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي ته ان جو ڪريڊٽ اسٽالن ڏانهن ئي وڃي ٿو. اها ٽيڪنالاجي ڪا ٻاهرين ملڪن جي مهربانين سان سوويت يونين هٿ نه ڪئي هئي، بلڪه روسين اسٽالن جي قيادت ۾ جاگيرداريءَ کان صنعتڪاريءَ واري معيشت جو بنياد رکي ۽ پراڻن اوزارن جي جاءِ تي ٽيڪنالاجي واري گڏيل زراعت اپنائي اونڌي روس کي سڌو ڪري بيهاريو. ان لاءِ جڏهن اسٽالن مشينري ٺاهڻ لاءِ آمريڪا کان جست ۽ اسٽيل جي درآمد لاءِ چيو ته آمريڪا ورندي ڏني ته اسان مشينري به ڏيون ٿا ۽ ماڻهو به ڏيون ٿا، جيڪي ان ٽيڪنالاجي جا ماهر هوندا! اسٽالن کين چيو ته اسان کي خام مال ڏيو، باقي مشينري اسان پاڻ ٺاهينداسين. آمريڪا نابري واري ۽ روسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڌاتو هٿ ڪري اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي، جو صنعتي انقلاب سان گڏ زرعي انقلاب به اچي ويو. اڄ به روسي ٽريڪٽر جو ڪو مَٽ ناهي ۽ روس اڄ به اڌ يورپ کي زرعي جنسون برآمد ڪري رهيو آهي.چيني انقلاب کان پوءِ مائوزيتنگ به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو هو. اسٽالن مائوءَ کي نئين چين جي اڏاوت لاءِ ٽيڪنالاجي سان گڏ افرادي قوت جي به آڇ ڏني. ڪامريڊ مائوءَ کيس وراڻيو ته ٽيڪنالاجي ۽ ماڻهو نه گهرجن، رڳو اسان جي ماڻهن کي گر سيکاريو، باقي ڪم اسين پاڻ ڪنداسين! پوءِ چينين سوويت يونين جي ٽيڪنالاجي سکي پنهنجي صنعت کي ٽيڪو ڏنو. اڄ چين هڪ صنعتي ملڪ ليکجي ٿو ۽ گهڻن معاملن ۾ خاموشيءَ سان روس ۽ آمريڪا کي پٺتي ڇڏي ويو آهي.

سرد جنگ کان پوءِ اسان جهڙن ٽئين دنيا جي ملڪن ڏانهن هاڻ وڏين ۽ امير معيشتن جو رويو هڪجهڙو ئي ڏسجي پيو، چاهي اهي پرولتاري انقلابي معيشتون ئي ڇو نه هجن! سڀ ان چڪر ۾ آهن ته نه رڳو ترقي پذير ملڪن جي وسيلن کي استعمال ڪجي پر گڏوگڏ پنهنجن ماڻهن کي ‘انگيج’ (مشغول ۽ مصروف) به ڪجي ۽ اتان منافعي جي صورت ۾ وڏو سرمايو به ڪمائجي. ساڳي ريت “پنهنجا وسيلا- پنهنجو حق” جي بنياد تي ترقي ماڻيندڙ ملڪ چين ۽ روس به پٺتي پيل معيشتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اتساهڪ ڪردار نڀائيندي نظر نٿا اچن. مطلب ته هر ملڪ کي پنهنجا مفاد وڌيڪ عزيز آهن.

اسان جي وسيلن تي ٽيڪنالاجي جي آڙ ۾ عالمي سرمائيدار ڪمپنيون ته هونئن ئي قابض آهن پر ڪارپوريٽ فارمنگ جي صورت ۾ زمين ڪمپنين حوالي ڪرڻ ايئن آهي، جيئن ننڍي کنڊ جي راجائن، مهاراجائن ۽ حڪمرانن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي لکي ڏني هئي. آيا ته اهي به کاڌ خوراڪ جي تلاش ۾ هئا پر مالڪ ٿي ويهي رهيا. هي ڪو اسٽالن ۽ مائوءَ جي زرعي پوکيءَ وارو انقلابي پروگرام ناهي، جو منافعو مقامي ماڻهن ۽ رياست ڏانهن ايندو، بلڪه اسان جي وسيلن ۽ پورهئي جو منافعو عالمي ڪمپنين ڏانهن ويندو.

اسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جا مخالف نه آهيون، جو ان جو استعمال ترقي طرف وڌندڙ معيشتون تيزيءَ سان ڪري رهيون آهن، جنهن جو وڏو مثال پاڙيسري ملڪ انڊيا به آهي، جتي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال عام ٿيندو پيو وڃي پر اها فارمنگ يا ته انفرادي بنياد تي آهي يا وري اتان جون مقامي ڪمپنيون آهن. ايتري تائين جو چين ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين جا مالڪ به خود چيني ئي آهن! ڪارپوريٽ فارمنگ جو فائدو صرف ايترو آهي جو اسان جي ايڪسپورٽ وڌندي، جيڪا اسين مقامي آبادگارن ۽ هارين کي جديد ٽيڪنالاجي سان هٿياربند ڪري به وڌائي سگهون ٿا پر ان جي ابتڙ نقصانن جو انديشو وڌيڪ گهرو گهاءُ ڏيندڙ آهي، جيڪي هيٺين سوالن جي روپ ۾ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا:

1) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ اسان جي زراعت تي انحصار ڪندڙ اڪثريتي آباديءَ کي غربت جي لڪير کان هيٺ نه وٺي ويندي؟

2) ڇا اسان جي گڏيل ڪٽنب واري معاشري جي جاءِ تي انفراديت غالب نه پئجي ويندي!؟

3) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ سان لاڳاپيل ۽ ان جي اردگرد جي زمين ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سنڍ ته نه ٿي ويندي؟

4) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمين مالڪاڻن حقن جي بنياد تي ته نه ڏني ويندي؟

5) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پاليسي سمورن صوبن لاءِ هڪجهڙي هوندي؟

6) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ بيروزگاريءَ ۾ واڌ جو سبب نه بڻجندي؟

7) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ اعلانيل زمين تائين محدود رهندي؟

8) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ جي صورت ۾ مقامي ماڻهن جي حقن جو خيال رکيو ويندو؟

9) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ جي صورت ۾ مختص علائقا نوگو ايريا ته نه بڻجي ويندا؟

10) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ مان رياست کي حاصل ٿيندڙ منافعو لاڳاپيل علائقن جي ترقيءَ تي خرچ ٿيندو؟ ۽ ان نفعي جي شرح عالمي ڪمپنين جي ڪيتري هوندي ۽ مقامي ڪمپني يا رياست جي ڪيتري هوندي؟

11) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ ماحولياتي گدلاڻ جو سبب ته نه بڻجندي؟

12) ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ عالمي ڪمپنين جي ليز ڊگهي وقت تائين ته نه هوندي؟

يقينن اهي خدشا هر فرد جي ذهن ۾ هوندا، جن جا جواب رياست جي کنيل هر وک جي روپ ۾ اسان آڏو ايندا! پر اهو امڪان ته لازم حقيقت بڻبو، جو اسان جو معاشرو هڪ اٿل جو شڪار ٿيندو.

ان امڪاني صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي پيرن ڀر بيهڻو پوندو، پاڻ تي ڀاڙڻو پوندو! ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي جو بنگلاديش اسان کان ڪپڙو درآمد ڪندو هو ۽ اڄ اسان جي ٽيڪسٽائيل برآمد نه هجڻ جي رهي آهي ۽ بنگلاديش ڪپڙي جي برآمد جو وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي! برطانيا تيل جي درآمد کان تنگ ٿي اليڪٽرڪ گاڏين ٺاهڻ تي سرمايو خرچ ڪري رهيو آهي ته جيئن کين تيل درآمد نه ڪرڻو پئي ۽ مستقبل ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي برآمد مان وسيع پيماني تي دنيا مان نفعو به ڪمائين! اهڙي ريت ماضيءَ ۾ برآمد وڌائڻ جا اسان وٽ به ڪيئي گس هئا ته پوءِ انهن تي ڪارپوريٽ فارمنگ کي فوقيت ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟!