چوماسي جا مينهن ۽ سنڌ جي زراعت

0
314

 سنڌ ۾ چوماسي  جا  مينهن هر سال پوندا آهن ، جن  جو سراسري مقدار 109.5 ملي ميٽر رهيو آهي. پر هن سال جولاءِ  کان وٺي هيل تائين 680.5 ملي ميٽر مينهن پيو آهي، جيڪو عام مروج سالياني مينهن جي مقابلي ۾ 522 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح هن سال جو مينهن 1961ع کان وٺي هيل تائين جو سڀ کان وڏو مينهن رڪارڊ ٿيو آهي. هن کان پهرين هڪڙو  ٻيو وڏو مينهن سال 1992ع جو هو، جنهن ۾ 502.6 ملي ميٽر مينهن پيو هو. جنهن کي سال 1961ع کان وٺي عام سالياني پوندڙ مينهن جي مقابلي ۾ 276 سيڪڙو وڌيڪ چيو ويو هو. هن سال سڀ کان وڌيڪ مينهن 1722 ملي ميٽر نوشهروفيروز ضلعي جي شهر پڊعيدن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

                 هنن انگن اکرن ۽ هر جاءِ تان ايندڙ رپورٽن مطابق هن مينهن سڄي سنڌ جي انساني آباديءَ کي شديد متاثر ڪيو آهي، جنهن  انساني ۽ جانورن جي رهائشن کي نقصان رسائڻ سان گڏ سندن روزگار جي وسيلن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اُنهن وسيلن مان زراعت وڌيڪ متاثر ٿي آهي. هيل تائين جي لڳايل ڪاٿي موجب سنڌ ۾ خريف جي فصلن جو 364،297.03  ملين    روپين جو نقصان ٿيو آهي. مجموعي طور تي  78.18 سيڪڙو خريف جي فصلن جو نقصان ٿيو آهي. جنهن ۾ وونئڻن جي پوکيل فصل جي  1,467,579 ايڪڙ ايراضي مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته وونئڻن جو فصل اضافي بيٺل پاڻيءَ کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ ان بعد  سڙڻ شروع ڪري ٿو ڏئي. جڏهن ته هن سال واري وونئڻن جي فصل ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان تمام گهڻو پاڻي بيٺل آهي. جنهن جو 205461.06 ملين رپين جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي طرح هن سال جي ڪتل جو فصل 100 سيڪڙو نقصان هيٺ آيو آهي، جنهن جي نقصان جو ابتدائي ڪاٿو  8344.98  ملين روپيه لڳايو ويو آهي.

اهڙي طرح سارين جو فصل جنهن کي پاڻي ٻين فصلن کان وڌيڪ گُهربل هوندو آهي، تنهن جو به 74.85 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ سارين جي ٻيجاري جو نقصان به شامل آهي. دراصل هن سال سارين جي مندائتي ٻيجاري پوکڻ لاءِ درياءَ ۾ پاڻي وقتائتو آيو ئي نه هو جنهن جي ڪري ٻيجارو دير سان پوکيو ويو ۽ مٿان وري چوماسي جا مينهن شروع ٿي ويا جن ٻيجاري کي تمام گهڻو نقصان رسايو. رهيو کهيو سارين جو ٻيجارو رونبو ڪرڻ کان پوءِ پيل جهجهين برساتن جي ڪري ننڍو فصل پاڻيءَ کي برداشت نه ڪري سگهيو، ان ڪري هيل تائين سارين جي آبادگارن جي  54567.38  ملين روپين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

سنڌ جي ٻين فصلن جي نقصان جو ابتدائي ڪاٿو  چارٽ ۾ ڏيکاريل آھي :

هن سال جي رڪارڊ مينهن جا سنڌ جي اقتصادي، سماجي، سياسي، موسمياتي حالتن تي گهٽ عرصي ۽ ڊگهي مدي وارا منفي ۽ مثبت اثر ظاهر ٿيڻا آهن. جن جي تياري تمام ضروري آهي. هتي جڏهن اسين هنن نقصانن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون ته اُهي نقصان صرف اُهي آهن جيڪي ظاهري طور تي نظر اچي رهيا آهن يا جيڪي هيل تائين جاچيا ويا آهن. پر اڃان ٻيا به نقصان آهن، جيئن مثال طور ؛ جيڪي باقي بچيل فصل آهن، تن منجهان به تڪڙو پاڻي نيڪال ٿيندي نظر ناهي اچي رهيو ۽ مٿان وري مينهن پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن سان بچيل فصلن کي به وڌيڪ نقصان رسي سگهي ٿو. اهڙي طرح باغن وارن فصلن ۾ گهڻي عرصي کان پاڻي بيهڻ جي ڪري باغ سڙي سگهن ٿا ۽ اُنهن ۾ مختلف قسمن جا مرض ظاهر ٿي نقصان رسائي سگهن ٿا. جن جي نقصان جو اندازو  يا ڪاٿو بعد ۾ ئي لڳائي سگهجي ٿو.  ان سان گڏ هيٺين ٻين نقصانن جو به امڪان موجود آهي:

سيپٽمبر ۾ پوکجندڙ فصل جهڙوڪ ڪمند وغيره حدف موجب ناهي پوکجي سگهيو ، جڏهن ته  آڪٽوبر جي مهيني کان پوکجندڙ فصل جهڙوڪ؛ ڀاڄيون، داليون، تيلي ٻج وغيره  ۽ ربيع جو اهم فصل ڪڻڪ مندائتو  پوکجندي نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته زمينن ۾ ڪيئي  فوٽ پاڻي اڃان به  بيٺل آهي ، جيڪو گهڻو تڪڙو  نڪرندي نظر نٿو اچي. ان ڪري هڪ ته فصل وقتائتا پوکجي نه سگهندا يا وري فصلن جي پوکيءَ لاءِ زمينن جي صحيح تياري ٿي نه سگهندي جنهن جي ڪري گُهربل پيداوار ۽ منافعو ملي نه سگهندو.

آبادگارن وٽ ٻج، ڀاڻ ۽ پوکيءَ جي خرچ لاءِ باقي ڪجهه بچيو ئي ناهي تنهن ڪري ايندڙ مُند جي فصلن جي پوکي صحيح طرح سان نه ٿي سگهندي ۽ ايراضي به گهٽ لڳندي.

فصلن جي خرچ لاءِ آبادگارن کي قرض ملڻ جو امڪان گهٽجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري آبادگارن ڏانهن قرض واپارين جو هجي ٿو. جن جو آبادگارن کي موجوده خريف جي فصلن لاءِ ڏنل قرض آبادگار هن وقت واپس ڪري نٿا سگهن، تنهن ڪري واپاري کين نه صرف اڳئين فصل لاءِ قرض ڏيڻ کان جواب ڏيندا بلڪھ هن خريف لاءِ کنيل قرض تي به وياج ضرور لکندا جيڪو آبادگارن کي اڳيان ڀرڻو پوندو. اهڙي طرح بينڪون پڻ هيلوڪي رهيل قرض جي نتيجي ۾ اڳيان قرض ڏيڻ لاءِ نابري واري بيهنديون.

هن مينهن جي ڪري واپارين جو خود جو پڻ نقصان ٿيو آهي ، ڇاڪاڻ ته مينهن جي ڪري سندن  ذخيرو ڪيل ٻج، ڀاڻ ، زرعي زهر ۽ بارداڻو وغيره متاثر ٿيڻ سان گڏ محفوظ جڳهن تي منتقل ڪرڻ تي اضافي خرچ وارو نقصان  ٿي رهيو آهي.

معياري ٻجن جي  ربيع جي مُند جي فصلن  لاءِ فراهمي پڻ هڪڙو وڏو مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻي مينهن پوڻ ڪري ذخيرو ٿيل ٻجن جي ڦوٽهڙي جي صلاحيت جي متاثر ٿيڻ جو امڪان موجود آهي ۽ اُهو به واپاري بنهه ئي مهانگي اگهه وڪرو  پڻ ڪندا، جنهن سان آبادگارن کي ٻٽو نقصان رسندو هڪ ته ٻجن جي سٺي ڦوٽهڙي نه ٿيڻ جي ڪري فصلن جي پيداوار گهٽ لهندي ۽ ٻئي طرف مهانگن ٻجن جي ڪري آبادگارن جو فصلن تي پيداواري خرچ هن سال وڌيڪ ايندو.

گهڻو  وقت زمينن ۾ پاڻي بيهڻ جي ڪري يا پاڻيءَ کي گهڻي مقدار ۾ نيڪال ڪرڻ جي نتيجي ۾ زمينن جي زرخيزي به متاثر ٿيندي. زمينن ۾ موجود خوراڪي جزن جو زيان ٿيڻ جي ڪري هن سال ايندڙ فصلن کي ڪيميائي ڀاڻن جي وڌيڪ ضرورت پئجي سگهي ٿي ۽ ڪيميائي ڀاڻ پهريان ئي گهڻا مهانگا آهن ۽ آبادگارن جي خريدڻ جي هن وقت سگهه به ناهي، تنهن ڪري آبادگار ڪيميائي ڀاڻن خاص طور تي فاسفورس ۽ پوٽاش جو استعمال نه ڪندا، جنهن جي ڪري فصلن مان پيداوار گهٽ لهندي.

هنن مينهن جو هڪڙو ٻيو وڏو نقصان زرعي صنعت جو آهي. جنهن جا انگ اکر اڃان اچڻا آهن، جيئن مثال طور؛ وونئڻن جي فصل تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڌاڳي، ڪپڙي، تيل، جانورن جي کڙ تيار ڪندڙ ڪارخانن کي خام مال نه ملڻ ڪري ڪارخانن جو ڪاروبار متاثر ٿيندو. اتي روزگار ڪندڙ مزدور متاثر ٿيندا ۽ وڏي ڳالهه ته اُهي شيون صارفن کي مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه ملنديون.

ڄاڻايل نقصانن جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪڙا نقصان بيٺل مينهن فصلن جا ڪيا آهن ۽ ٻيا نقصان اڳين فصلن جا ٿيڻا آهن، جن جو حساب ڪتاب اڳيان ئي ڪري سگهبو.

نيٺ ڇا ڪجي؟

موسمياتي تبديلين جي ڪري نه صرف هي مينهن پيا ايندا ويندا پر انهن سان گڏ سوڪهڙي جا به دؤر ايندا، ان ڪري موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ واري زراعت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن، مقامي ادارن ۽ لاڳاپيل شعبن جي نمائندن تي مشتمل مشاورتي بورڊ جو هڪدم قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ تڪڙي ڪا مشاورتي ڪانفرنس ڪري ان ۾ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جوڙي وڃي. بورڊ جي ئي سفارشن تحت موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ واري زراعت ۾ مهارت رکندڙ ادارن جي تعاون سان سنڌ ۾ هڪڙو خصوصي ادارو “موسمياتي تبديليون ۽ سنڌ جي زراعت” قائم ڪيو وڃي. جيڪو دنيا ۾ ٿيندڙ ڪم ڪار ۽ موسمياتي تبديلين جي انگن اکرن کي جديد بنيادن تي ڪٺي ڪندي تحقيق، توسيع ۽ پاليسيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي. هن اداري لاءِ  ڀلي قرض ئي کڻڻو پوي پر ڪجهه عالمي ماهرن کي به ڪل وقتي مقرر ڪيو وڃي ۽ مقامي ماهرن کي سندن تربيت هيٺ رکيو وڃي ته جيئن ڪم تڪڙو ۽ عالمي معيار جو ٿي سگهي. پر شرط اِهو هجي ته هي ادارو خود مختيار هجي ۽ ان کي عالمي ادارن جي شراڪت واري بورڊ جي ماتحت هلايو وڃي. جنهن بورڊ ۾ آبادگارن، نجي شعبي سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين جي نمائندن کي شريڪ رکيو وڃي.

قدرتي پاڻيءَ جي لنگهن کي هڪدم بحال ڪيو وڃي.

آبادگارن کي ايندڙ مُند جي پوکيءَ لاءِ خصوصي پيڪيج ڏنو وڃي، جنهن ۾ سندن بينڪن ۽ نجي ادارن يا ماڻهن کان کنيل قرض جي منافعي يا وياج کي معاف  ڪرڻ به شامل هجي.

تيلي ٻجن، دالين، ڀاڄين ۽ ڪڻڪ وغيره جي  ٻجن جي گُهرج جو هڪدم ڪاٿو لڳائي، معياري ٻج فراهم ڪرڻ جو جوڳو ۽ وقتائتو بندوبست ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ پوکيءَ وقت آبادگارن کي گُهربل معياري ٻج ملي نه سگهندو.

فصلن ۾ بيٺل پاڻيءَ کي تڪڙو نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. جنهن ۾ هڪڙو طريقو هي به ٿي سگهي ٿو ته گهڻي بيٺل  پاڻيءَ  وارن اهڙن فصلن واري ايراضي جتي نيڪال جو ڪوبه رستو نه هجي اتي آبادگارن جي ٽيوب ويلن جي پراڻن بورن کي بحال ڪري اُنهن ذريعي بيٺل پاڻي جَرَ ۾ نيڪال ڪيو وڃي. هن طريقي ۾ هلندڙ ٽيوب ويلن ذريعي به فصلن جي بيٺل اضافي پاڻيءَ کي نيڪال ڪري سگهجي ٿو. هن ٽيڪنالوجيءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ خصوصي “ايمرجنسي سيل” قائم ڪيو وڃي جنهن ۾ ماهرن جي ٽيم کي گُهربل وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته ڪافي پاڻي ٽيوب ويلن ذريعي جَرَ ۾ نيڪال ڪري سگهجي ٿو ۽ اُهو پاڻي وري اڳيان سوڪهڙي جي مُند ۾ ٽيوب ويلن ذريعي  ڪڍي ڀلا فصل اُپائي سگهجن ٿا. هن موضوع تي وڌيڪ تفصيل سان اڳيئن مضمون ۾ لکبو.

جيئن ته هن سال جي چوماسي جا مينهن 19961ع کان وٺي هيل تائين پيل مينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هئڻ ڪري، تمام گهڻو نقصان رسايو اٿن ، ليڪن ان ۾ اسان جي تياري نه هئڻ جو وڌيڪ قصور آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي نيڪال وارا قدرتي لنگهه کُليل هجن ها ته سنڌ جي تاريخ جو هي بدترين الميو جنم نه وٺي ها. پر ان سان گڏ هن مينهن ڪي فائدا به ڏنا آهن، جن مان سنڌ جي سُڪل جَرَ جو ڀرجڻ ۽ کاري جَرَ ۾ سڌارو اچڻ جهڙا خاص فائدا ٿيندا.  ان کان علاوه مينهن جي هن قسم جي قدرتي آفت ڪيئن هجي ٿي ۽ اُن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي طرح تياري ڪرڻ گُهرجي؟. جهڙا سکڻ لاءِ سبق پڻ مليا آهن. پنهنجي ايندڙ مضمونن ۾ هنن ٻن اهم موضوعن تي جلد لکڻ جي  ڪوشش ڪبي.