سرڪار ،دنيا کي ميار پوءِ پھرين پاڻ تھ ٻوڏ متاثرن تائين پھچو

0
162
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ ھن وقت ٻوڏ متاثر ڪھڙي حالت ۾ آھن ،انھن جو گذر سفر ڪيئن ٿي رھيو آھي؟ان جو اندازو ڪرڻ شايد ايڏو ڏکيو نھ ھجي ڇاڪاڻ تھ جتان ڪٿان متاثرن جي واھر نھ ٿيڻ جون ڳالھيون ۽ شڪايتون ٻڌجي رھيون آھن  نھ رڳو بيمارين پر بک ۾ بھ ماڻھن جي مرڻ جون خبرون رپورٽ ٿي رھيون آھن جن مان خبر پوي ٿي تھ اھي ٻوڏ متاثر بي يار مددگار ڇڏيل آھن،نھ سرڪار پھچي سگھي آھي نھ ئي وري سرندي وارا يا سماجي تنظيمون سڀني تائين پھچڻ  جي صلاحيت رکن ٿيون جنھن ڪري خدشو آھي تھ ڪٿي ڪو وڏو الميو نھ جنم وٺي.مخالفن جي تنقيد تھ ٿي پري پر جيڪڏھن سرڪار جا رليف جي ڪمن ۾ پنھنجا انگ اکر ئي ڏسجن تھ ھڪ ڊيڄاريندڙ صورتحال سامھون اچي ٿي جنھن جو  جلد ازالو نھ ٿو ڪيو وڃي تھ ڪنھن الميي کي پيدا ٿيڻ کان روڪڻ شايد ڪنھن جي وس ۾ نھ ھجي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه عالمي برادري کان ٻوڏ متاثرن لاءِ رڳو 10 هزار تنبو ملڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هيستائين رڳو 25 سيڪڙو ٻوڏ متاثرن تائين به نه پهچي سگهيا آهيون. هن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ متاثر آهن. 24 ضلعا متاثر آهن. ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. 15 لک خاندان متاثر ٿيا آهن، هن وقت تائين سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي، فوج، 3 لک 26 هزار 225 تنبو ڏئي چڪا آهيون، 25 سيڪڙو ماڻهن تائين به نه پهتا آهيون ڇاڪاڻ ته تنبو آهن ئي ڪونه. هن چيو ته امداد ڪندڙ هر ملڪ جا ٿورائتا آهيون جن هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي. پر دنيا مان ڪل امداد 10 هزار 774 تنبو آيا آهن، جن مان 2364 تنبو سنڌ ۾ ورهايا ويا آهن، 146 ٽن راشن مليو آهي. 3 هزار ٿيلهن کان به گهٽ راشن مليو آهي. ان مقدار ۾ شيون نه پيون اچن جنهن جي اسان کي ۽ متاثرن کي اميد آهي. ھي ڳالھيون ڪنھن عام ماڻھو يا مخالف سياسي اڳواڻ جون ناھن جو ان کي مخالفت براءِ مخالفت جي زمري ۾ آڻي نظرانداز ڪري ڇڏجي،اھي ڳالھيون سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو جون آھن جنھن جي ذميواري آھي تھ انھي ڳالھھ کي يقيني بڻائي تھ ھر متاثر ماڻھو تائين سرڪار ۽انتظاميا پھچي ۽ انھي جي ريسڪيو کان وٺي رليف  ۽ بحالي جي ذميواريون نڀائين، پر اھي ڳالھيون ٻڌائي رھيون آھن تھ صورتحال ڪيتري خطرناڪ آھي جيڪا شايد سڀني جي اندازي کان وڌيڪ ھجي.اھي انگ اکر سرڪاري آھن ۽ سرڪار جي انگ اکرن تي ڪيترو ڀاڙي سگھجي ٿو اھو سمجھڻ ايڏو ڪو ڏکيو ناھي جتي مختيارڪار 10 ديڳون لھرائي بل 50 ديڳن جو وٺن انھن جي ئي سرڪار کي ڏنل انگ اکرن کي ڪيترو معتبر سمجھجي؟ پر پوءِ بھ جيڪڏھن رڳو سرڪار جي انھن اکرن کي ئي ڏسجي تھ بھ اھي ايندڙ صورتحال لاءِ ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي آھن ڪٿي ايئن نھ ٿئي تھ ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي. پاڻي اڃا تائين نڪرڻ جو نالو ئي نھ ٿو وٺي بلڪھ ڪن ھنڌن تي وڌي رھيو آھي بيماريون پکڙجي رھيون آھن ۽ مٿان سيارو اچڻ وارو آھي سرڪار پاڻ مڃي رھي آھي تھ اھي 25 سيڪڙو تائين بھ نھ پھتا آھن تھ باقي 75 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ڪھڙي حال ۾ ۽ ڪيئن بک بيمارين ۾ گھاريندا ھوندا؟

اسان سمجھون ٿا تھ سرڪار جي عالمي دنيا مان اميد مطابق امداد نھ ملڻ جي ميار پنھنجي جاءِ تي درست ھوندي پر ڇا سنڌ ۽ وفاقي حڪومت گڏجي ڪري پنھنجي ڪيپيسٽي مطابق ڪم ڪري رھيون آھن؟ ڇا اسان جا پنھنجا ادارا ۽ انتظاميا ٻوڏ متاثرن جي اميدن تي پورو لٿا آھن؟ تھ ان جو جواب نھ ۾ آھي. جيڪڏھن سرڪار ۽ انتظاميا پاڻ ئي عوام جي مدد لاءِ اڳيان نھ ٿا اچن تھ باقي دنيا مان اميد رکڻ پوءِ جي ڳالھھ آھي تنھن ڪري سرڪار  وڌيڪ اثرائتي نموني تحرڪ وٺي ٻوڏ متاثرن  تائين پھچڻ جي ڪوشس ڪري ايئن نھ ٿئي تھ ھن صورتحال کان نڪرڻ کان اڳ ٻيو ڪو الميو سامھون اچي وڃي.