سنڌ جي ٻُڏندڙ ٻيڙي تي تَرندڙ اين جي اوز! 

0
165
ھولي- زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکندڙ تھوار

  اين جي اوز کي سامراجي ادارن جي معرفت ۽ سرپرستي ۾ جنگ، ماحوليات، انساني حق، جمهوريت، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، تعليم، صحت ۽ صفائي، قرض، صاف پاڻي، ماهواري، وغيره جي نالي پروجيڪٽ ملندا آهن ۽ اين جي اوز کي اهي ڊونر ادارا پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن. ٿورن لفظن ۾ جنگ، ماحولياتي بربادي يا ٻين سامراجي معاشي پاليسين جي  بدولت انساني ترقي تي فنڊ ڪندا آهن. اين جي اوز دراصل هڪ ناڪام نظام کي ٽيڪو ڏينديون آهن. مزاحمتي تحريڪون خريد ڪري انهن تي ڪنٽرول ڪنديون آهن. انقلابين کي پگهاردار بڻائينديون آهن. ارون ڌتي راءِ پنهنجي ڪتاب Broken Republic ۾ لکيو آهي ته:

AS the IMF enforced Structural Adjustment, and arm-twisted governments into cutting back on public spending on health, education, childcare, development, the NGOs moved in. The Privatization of Everything has also meant the NGO-ization of Everything…

The corporate or foundation-endowed NGOs are global finance’s way of buying into resistance movements, literally like shareholders buy shares in companies, and then try to control them from within…

Armed with billions, these NGOs have waded into the world, turning potential revolutionaries into salaried activists, funding artists, intellectuals and film-makers, gently luring them away from radical confrontation, ushering them in the direction of multiculturalism, gender, community development-the discourse couched in the language of identity politics and human rights. (p. 169/170)

اين جي اوز ۾ رهي، يا اين جي اوز جي ذريعي نوجوان يا گاروڙي ٻڍا ڪا انسان دوست ترقي پسند سوچ پيدا نٿا ڪري سگهن. انقلاب صرف ترقي پسند قومي طبقاتي سياسي جدوجهد سان ايندو. ان لاءِ تنظيم سازي ۽ ترقي پسند نظرياتي شعور گهرجي، يعني منشور ۾ عوام جي سياسي، سماجي ۽ معاشي ابتري جي سببن ۽ ان رخ ۾ جدوجهد جو طريقيڪار تي موقف واضح  ٿيل هجي. تنظيم سازي جو مطلب سياسي پارٽي آهي، انهي پارٽي جي ليڊرشپ ۽ ڪارڪن خود احتسابي ۽ حقيقي تنقيد جي عمل مان گذري جدوجهد جا ڏاڪا طئه ڪندا آهن ۽ تبديلي جي گس جا راهي ٿيندا آهن. باقي سامراج ۽ سرمائيدار دوست ادارن جي خزاني مان فنڊنگ ( اين جي اوز ذريعي) تي نوجوانن کي مداري جيان ڀولڙا ڪري نچائڻ سان سماجي ۽ معاشي تبديلي نه ايندي. نوجوانن کي اين جي اوز جي سرمائيداراڻي مقصدن، ڪرپشن، موقعي پرستي ۽ غير سياسي ائپروچ کان واقف هجڻ ضروري آهي.

چئجي ته وقت جا وطن دوست ۽ ڪميونسٽ وڏا موقعي پرست ثابت ٿيا. هي سنڌ جي قومي، جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد تان دستبردار ٿي ويا. جتي جاگيرداري مضبوط هجي، قومي وسيلن جي ڦُرلُٽ هجي، غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال هجي، گورننس ۾ بد عنواني، نااهلي چوٽ چڙهيل هجي، قبضاگري جو جهان هجي، استحصال ۽ ڦُر لُٽ هجي ته اهڙي حالت ۾ اين جي اوز جا پراجيڪٽ کڻي اهي ڪهڙي جدوجهد جي ڳالهه ڪن ٿا؟ ڇا سياسي ٻارڻ جو ڪم ايئن ٿيندو آهي؟ سامراج جي پئسن تي، سامراج جي خلاف نوجوانن جي تربيت ڪيئن ۽ ڪهڙي نظريي تحت ٿي سگهي ٿي؟ هاڻي سياسي جدوجهد جا سڀ مورچا انهن موقعي پرست فردن اچي اين جي اوز جي آفيسن ۾ کُٽايا آهن. هارين، مزدورن ۽ عورتن جي حقن يا سياسي تربيت لاءِ به پراجيڪٽ کڻي پوءِ ڪم ڪن ٿا. ڪم ڇا ڪبو؟ ڪروڙن جا پراجيڪٽ وائوچر، لاجسٽڪ، سيڪيورٽي، ٽريننگ، مهم جوئي وغيره جي نالي ۾ ذاتي اڪائونٽس ۾ آڻي هڙپ ڪبا.  اين جي اوز جي مختلف پروجيڪٽس ۾ بي تحاشا ڪرپشن ٿئي ٿي.

 ڪجهه اين جي اوز ماڻهن کي قرض ڏينديون آهن، قرض وري وياج سميت قسطن جي صورت ۾ واپس ڪرڻو هوندو آهي. غريب ماڻهو معاشي مجبوري سبب قرض کڻي ڇڏين ٿا، پوءِ اهي اين جي اوز جا ورڪر قرض موٽائڻ لاءِ ماڻهن جو جيئڻ به حرام ڪريو ڇڏين. نتيجي ۾ ٿر ۾ گهڻا خراب واقعا ٿيا جو ماڻهو خودڪُشي جي نوبت تي اچي ويا، بلڪه ڪجهه ماڻهن اين جي اوز وارن جي تنگ ڪرڻ سبب خودڪشي ڪئي.

اين جي اوز ۾  جنسي تشدد جي بدتر شڪل  سامهون آئي آهي. عورتن جي حقن جي نالي تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز ۾ جيڪا ڇوڪرين جي تذليل ٿئي ٿي: جنسي طور هراسان ڪرڻ، پراجيڪٽ ۾ ڪم لاءِ سليڪشن جو معيار خوبصورتي رکڻ، ڪنهن جي معاشي مجبوري جو فائدو وٺڻ وغيره ترقي ۽ عورتن جي ڪهڙن حقن جي نشاندهي آهي؟

انٽرنيشنل اين جي اوز ۾ گهڻي لوڌ  پنجاب ۽ خيبر پختونخوا مان ايندي آهي. اهي فيلڊ  ۾ وڃي ڪميونٽي کي سندن گناهن جو احساس ڏياريندي آهي. هنن جو سڄو رويو ۽ ڄاڻ جو دائرو رجعت پرستاڻو هوندو آهي. اين جي اوز جا ماڻهو هڪ ئي وقت ريسرچ، ماحوليات جا ماهر ٿي پيا آهن، ته وري قدرتي آفتن کي گهٽائڻ جا ٺيڪا کڻي وڏا Climate Change جا به وڏا ڄاڻو ٿي پيا آهن. مطلب ته اهي هر موضوع جا ماهر آهن. ڪو به Development يا Emergency جو پروگرام هجي، Proposal  لکرائڻ يا اين جي اوز جي پاليسي جوڙڻ لاءِ مسواڙ  تي ڪم ڪرائي وٺندا آهن، ڇو ته سندن اڳ گڏ ڪيل سرمايو کوڙ پيو هوندو آهي. اهو ڪم ان آس ۽ اُميد سان ڪندا آهن، ته ڪمائي جو ڪم آهي، ٿوري خرچ تي وڏو منافعو آهي. نتيجي ۾ اين جي اوز جا مالڪ بنگلن، گاڏين جا مالڪ ٿي ويا، ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري، سياسي فيوڊل ڀوتارن کان به گوءِ کڻي ويا.

اين جي اوز کي انساني الميا گهرجن، ڏتڙيل ماڻهو گهرجن، فنڊنگ گهرجي، ان ڪري اين جي اوسٽ سنڌ جي پورهيت عوام خلاف بيٺل آهن، ۽ اهي سرمائيدارن جي سامراجي سرشتي سان سلهاڙيل آهن. رائٽ، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جا Wretched of the earth ۾ پنهنجا مفاد آهن. هي پنهنجي خوابن جي سنڌ ناهي!ڇا سنڌ ايئن ئي  اين جي اوز ۽ خيراتي ادارن جي بدولت ٻُڏندي ۽ پنندي رهندي؟ ڇا پاڻ باضمير ۽ باوقار سنڌ اَڏڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا جتي نه خيرات ڏيڻ وارو هوندو، ۽ نه ئي خيرات وٺڻ وارو هوندو؟ هڪ اهڙي سنڌ جنهن ۾ پورهيي کي امرتا هوندي، هڪ اهڙو سماج، جنهن ۾ طبقا نه هوندا. رت پياڪ ڄورون ۽ هڏ ڪُرٽيندڙ ۽ ماس پَٽيندر بگهڙ نه هوندا. مظلوم عوام سان حق ۽ انصاف صرف سوشلسٽ رياست ئي ڪري سگهي ٿي.

نوجوانن کي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ اڳتي ترقي پسند سياسي ادب جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. سائنس، فلسفي ۽ سياست تي ڪتابن جو ڳوڙهو مطالعو اسان کي اهو ڪجهه سيکاريندو جيڪو سوشل ميڊيا، آن لائن دنيا ۽ انٽرنيٽ تي شايد ئي سکي سگهون. شاعري ۽ سوشل ميڊيا اسان جو وقت ضايع ڪري سگھن ٿا. شاعري ۾ وڏا فلسفا ڳولڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي. سياسي شعور سان ئي سماج، رياست ۽ سامراجيت کي عقلي انداز ۾ سمجهي سگهجي ٿو. مظلوم عوام کي ترقي پسند سياسي، سماجي ۽ معاشي شعور ڏيو. سنڌ جي ٻَچي ٻُڍي کي پِنايو ۽ ويڳاڻو ڪيو پيو وڃي. مزدور عوام کي ترقي پسند خيال ۽ انقلابي گس ڏسيو، اهي هر ردِ انقلابي عمل کي شڪست ڏيندا. مزاحمت جي جدليات چوي ٿي ته ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ اُٿندا. خيرات نه، انقلاب گهرجي.

بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رُڳو،

هن دنيا ۾ اي ديسَ ! هيَا، نادان هزارين مان نه رُڳو.

هي دَور “ اياز” گذرڻو آ ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،

ڪو ٻَارڻ نِيٺ ته ٻرڻو آ ، امڪان هزارين مان نه رُڳو.

شيخ اياز (پورو ٿيو)