چمبڙ (ن پ ا) گذريل ڏينھن مسڻ ويجھو ڳوٺ يار محمد ٽالپور رھواسي قتل  ٿي ويل 9 ورھين جي شھباز پٽ مبارڪ ميرجت جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار 16 ورھين جي مرتضي ماڇي کي ميڊيا آڏو پيش  ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي جوابدار نينگر مرتضي ماڇي ميڊيا آڏو ڏوھ جو  اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مقتول شھباز ۽ سندن سئوٽ مونکي روزانو جي بنياد تي بنا ڪنھن سبب گاريون ڏيندا ھئا جنھن تي مونکي ڪاوڙ لڳندي ھئي جنھن بعد مون کي اوچتو ڌوين جي جھنگ م  ملي ويو ته مون پلاند وٺندي کيس گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن تہ اھڙو ڪيس مقتول جي والد مبارڪ ميرجت جي فرياد تي مسڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي.