ملير ( رپورٽر) ملير جي پورٽ قاسم موڙ ويجهو 18 ڏينهن اڳ جهنگ مان بيگ ۾بند عورت  جي لاش وارو معاملو  حل ٿي ويو، شاهه لطيف پوليس نوجوان ناري زرينا جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار وليد کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جاچ ملير عارب مهر ٻڌايو ته پوليس مقتول عورت جي موبائل رڪارڊ ذريعي قاتلن تائين پهتي، اسان 3 مان هڪ جوابدار وليد کي ڪورنگي مان گرفتار ڪيو آھي، ٻئي طرف جاچ پوليس ملزم وليد کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جو رمانڊ ورتو .