نوابشاهه(بيورو رپورٽ) پنج ڏينهن اڳ دوڙ  شھر ۾ فوت ٿيل ليڊي ھيلٿ سپروائيزر انيس بي بي چنا جي مڙس منور حسين عباسي پنھنجي سھري کٻڙ خان چنه، سس غلام فاطمه ۽ پٽ محمد عزير ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام ھڻندي چيو آهي ته منھنجي گھر واري مسمات انيس بي بي چنا ڊي ايچ او آفيس ۾ ھيلٿ سپروائيزر ھئي، جڏھن ته ڊي ايچ او آفيس جي ڪوآرڊينيٽر سميت 2 عورتن منھنجي گھر واري کي بليڪ ميل ڪري ان کان ھر مھيني 10 ھزار رپيا گھرنديون ھيون ۽ منھنجي گھر واري کي پروموشن ڪينسل ڪرائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏينديون ھنيون، جنھن جي ڪري منھنجي گھر واري تمام گھڻي پريشان ۽ ڊپريشن ۾ ھلي وئي ھئي، ھن چيو ته منھنجي گھر واري عدالت ۾ ڪيس ڪري پروٽيڪشن به ورتو ھو،پر پوليس عدالت جي چوڻ جي باوجود به گھر واري کي پروٽيڪشن نه ڏنو،  نوڪري تان ھٽائڻ، ٻارن ۽ سندس کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪين سبب گھرواري دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي، هن چيو ته ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.