ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ محمود خان شر ۾ پاڻي واري موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورھيت منور شر جو پٽ ٽن ورھين جو معصوم مزمل شر موقعي تي فوت ٿي ويو. مزمل گھر ۾ راند ڪري رھيو ھو ته اچانڪ پاڻي واري شارٽ ٿيل موٽر ۾ ھٿ لڳڻ ڪري ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نينگر جي فوتگيءَ تي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، معصوم جي ماءُ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا.