گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ علي جان بروهي لڳ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي مامري تان جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ ڪهاڙي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سينگار علي پٽ نور محمد زخمي ٿي پيو جنهن کي نواب شاهه جي پي ايم يو اسپتال نيو ويو. جڏهن ته واقعي جي گپچاڻي ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪئي وئي آھي.