ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري ضلعي ۾ فوڊ کاتي پاران کليل سينٽرن تي ڪڻڪ خريداري نالي ماتر ٿي رهي آھي جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ بااثر صنعتڪارن ۽ وڏن واپارين پاران ڪڻڪ زخيرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي، نوري آباد، سيوهڻ، ڀان ۽ ٻين شهرن ۾ واپاري ۽ بااثر صنعتڪار وڏي پئماني تي ڪڻڪ زخيرو ڪري رهيا آھن. ڪوٽڙي ۾ فلور ملن ٻاهران ۽ اندر گودامن تي ڏينهن رات ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪون انلوڊ ٿيندي ڏسي سگهجن ٿيون، ذريعن وٽان معلومات ملي آهي ته ڪوٽڙي جا بااثر صنعتڪار وڏي پئماني تي ڪڻڪ زخيرو ڪري رهيا آهن جنهن سبب ويجهي مستقبل ۾ اٽي جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو ٿي ويو آهي.  خوراڪ کاتي موجب في فلور مل 8 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪري سگهي ٿي جڏهن ته سرڪاري ريٽ في ٻوري 10 هزار 3 سو ٻڌايو پيو وڃي پر ان جي باوجود  اطلاعن مطابق وڏا صنعتڪار ۽ بااثر واپاري ڪڻڪ آبادگارن کان 11هزار پنج سو روپين ۾ ڪڻڪ جي ٻوري خريد ڪري زخيرو ڪري رهيا آهن اهڙي صورتحال بعد سنڌ ۾ اٽي جو وڏو بحران سامهون اچڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. جڏهن ته وڏن واپارين ۽ بااثر صنعتڪارن پاران اهڙي ڪڻڪ خيرو ڪرڻ تي انتظاميه به ڪا ڪاروائي ڪرڻ کان لهرائيندي نظر اچي پئي. مليل ڄاڻ موجب فوڊ کاتي ڄامشوري کي موجوده سال لاء چار لک ڪڻڪ گڏ ڪرڻ جو حدف مليل آھي پر هيستائين 70 کان هزار ٻوريون گڏ ڪرڻ جا اطلاع مليا آھن جڏهن ته خوراڪ کاتي پاران ضلعي ڄامشوري جي چئني تعلقن ۾ 15 خريداري سينٽر کولڻ جي دعوا ڪئي وئي آھي. هوڏانهن ڊي ايف سي ڄامشوري دلشاد سومري جو موقف آھي ته فلور ملز وارا 8 هزار ٻوري خريد ڪري سگهن ٿا ان کان وڌيڪ نٿا ڪري سگهن، جيڪي ان کان وڌيڪ زخيرو ڪندا تن خلاف ڪاروائي ٿيندي، هن چيو ته اسان جي ضلعي لاء پهريان چار لک ڪڻڪ جون ٻوريون گڏ ڪرڻ جو ٽارگيٽ هئو پر هاڻ ٽي لک آھي، اسان هڪ لک ٻوريون خريد ڪيون آھن جڏهن ته ٽارگيٽ به پورو ڪنداسين. ان سلسلي ۾ سڄاڻ ڌرين پاران صنعتڪارن ۽ واپارين پاران ڪڻڪ زخيرو ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪاروائي جي گهر ڪئي وئي آھي.