ڄامشورو: مختلف حادثن ۾ پيءُ پٽ فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي

0
109
ڄامشورو: مختلف حادثن ۾

ڄامشورو (ن پ ا) ڄامشوري ۾ مختلف حادثن ۾ پيءُ پٽ فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ڄامشورو ويجهو مختلف حادثن ۾ پيءُ پٽ فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن

لوڻي ڪوٽ وٽ ايم نائن موٽر وي تي 2ٽرالرن ۾ ٽڪر ٿي پيو، محمد ارشاد ۽ سندس پٽ شعيب آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويا

اطلاع تي موٽر وي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش لمس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا

ٻولهاڙي ايئربيس ويجهو روڊ تي آئل هاريل هجڻ سبب 4 ڪوچون ۽6 ڪارون هڪٻئي سان ٽڪرائجي ويون

مسافر ڪوچون ۽ ڪارون ٽڪرائجڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو