ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري جي جوڳي پاڙي ۾ 38 سال جي سونو پٽ ڏاڙهون جوڳي غربت سبب گهر اندر ڇت جي پکي ۾ رسي سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، وارثن ٻڌايو ته خودڪشي  ڪندڙ نوجوان کي 6 نياڻين ۽ 3 پٽن جو اولاد آهي، جنھن سبب هن جي گھر جو چرخو هلڻ تمام مشڪل هو، مايوس ٿي اهڙو قدم کنيو. مگهن پير جي قبرستان ۾ نوجوان کي دفن ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوڳي پاڙي ۾ تڏو وڇايو ويو آهي.