پشاور(م ڊ) ملڪ جي عدالتن ۾ کنڀيل ماڻهن جا ڪيس هلڻ بعد مهمند ايجنسي ۾ 6 کان 11 سال اڳ  کنڀيل 7 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب انهن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو جيڪي هاڻ پنهنجي گهر مهمند پهچي ويا آهن. انهن کي مختلف حراستي مرڪزن ۾ رکيو ويو هي. ڪجهه 11 سال اڳ کنڀيا ويا ۽ ٻيا 6 سال اڳ کنيا ويا هئا.