ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي جي ڪلهوڙا ڪالوني واسي 16 سالن جي نينگر سمير ڪلهوڙو جو لاش روهڙي ڪئنال يجهو ڪيلن جي باغ مان ھٿ آيو ھو، جنھن جي ڀرياسٽي ۾ تدفين ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ مارجي ويل پورھيت نينگر سمير ڪلھوڙو جي چاچي بھار ڪلھوڙو ٻڌايو تـ اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي بي گناهه منھنجي ڀائٽي کي اغوا بعد تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي ڀرياسٽي پوليس بروھي برادري کان لکين رپيا رشوت ورتي آھي ۽ اسان جي نينگر جو خون لوڙھڻ چاھين ٿا. ٻئي پاسي رابطي تي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته شڪ جي بنياد تي 4 جوابدار حراست ۾ ورتا آھن الزام اجايا آھن، ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ جي حوالي سان ھن ٻڌايو تـه وارثن جي اچڻ بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.