نوشهروفيروز (رپورٽر) ڀرياروڊ جي احساس ڪفالت سينٽر تان ايجنٽن کان پوليس اھلڪارن پاران سرعام رشوت وٺڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، جنھن ۾ ڀريا روڊ پوليس جو جمعدار گلبھار ڪوريجو ۽ پوليس موبائيل ڊرائيور کي احساس ڪفالت جي ايجنٽن کان رشوت جا 30 ھزار وٺندي ۽ اھا رقم گڻيندي ڏسي سگھجي ٿو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڀريا روڊ امتياز ڪلھوڙي کي وضاحتي نوٽيس جاري ڪندي وڊيو ۾ نظر ايندڙ پوليس جمعدار گلبھار ڪوريجو کي معطل ۽ ڪوارٽر گھاٽ ڪري ڇڏيو آھي.