ڀان سيدآباد پوليس موبائيل سان کاڻوٺ وٽ حادثو. 5 اهلڪار زخمي

0
341

ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان سيدآباد پوليس موبائيل سان کاڻوٺ وٽ حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

زخمي پوليس اهلڪارن ۾ راشد لاشاري، شهاب سومرو، خدابخش لنڊ، محمد خان لغاري ۽ يونس شامل آهن.

ڀان پوليس موجب پوليس ٽيم موبائيل سيوهڻ جي هڪ ڪيس جي حوالي جاچ جي سلسلي ۾ ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.