نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ مخالف ڌر ڪانگريس جو اڳواڻ راهول گانڌي سائيڪل تي سوار ٿي احتجاج ۾ پهچي ويو. اهو احتجاج پارليامينٽ هائوس کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪانسٽيٽيوشن ڪلب ۾ ڪيو ويو. اپوزيشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 16 مان 14 پارٽين کي دعوت ڏني وئي هئي. ان ۾ ميمبرن کي سائيڪل تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ راهول گانڌي جي قيادت ۾ اڳواڻ سائيڪل تي چڙهي پهتا. اجلاس ۾ سياستدانن جي جاسوسي ڪرڻ واري معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته مخالف ڌر جي قيادت لاءِ راهول گانڌي کي اڳيان آندو پيو وڃي.