دادو (رپورٽر) دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ 4 مهينا اڳ 13 سالن جي شائلا سولنگي سان زيادتي جي جوابدار گل محمد کوسو ۽ نينگري جي وارثن وچ ۾ راڄوڻي ذريعي ٺاھ ٿي ويو آهي. ڳجھه ڳوھ ۾ ڌرين جو فيصلو دادو جي هڪ با اثر شخصيت وٽ ٿيو، جنهن ۾ جوابدار گل محمد کوسو تي 5 لک ڏنڊ وڌو ويو. جنهن تي نينگري جا وارث جوابدار خلاف ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء راضي ٿي ويا آهن. ڌرين ۾ راڄوڻي فيصلي تي ٺاھ بعد جوابدار گل محمد کوسو جي وارثن فورٿ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت لاء درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن تي نينگري جي وارثن گل محمد جي ضمانت تي لکت ۾ ڄاڻايو آهي ته کيس ڪو به اعتراض نه آهي ڀلي جوابدار جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.