پيانگ يانگ (م ڊ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جي تازي تصوير جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سندس ڪياڙي تي پٽي ٻڌل نظر اچي رهي آهي جنهن ڪري سندس صحت بابت وري تبصرا شروع ٿي ويا آهن. اهو فوٽو اهڙي وقت جاري ٿيو آهي جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري خوراڪ جي کوٽ آهي. ڪم جونگ ان جي عمر 37 سال آهي ۽ هو 11 سالن کان ملڪ تي حڪمران آهي. اهي رپورٽون به آهن ته هو تمام گهڻا سگريٽ ڇڪيندو آهي ۽ چين سموڪر آهي. اطلاع آهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ هن ميٽنگن ۾ شرڪت ڪئي ته سندس ڪياڙي تي پٽي لڳل هئي ٻيو ڀيرو ان پٽي جي جاءِ تي سائو نشان هو. 29 جولاءِ جي تصوير ۾ ڪو به نشان نظر نه ٿو اچي.