ڀارت ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻي: بلاول جو ڀارت کي چئلينج

0
309

پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ لاءِ زباني دعوائون ڪرڻ بدران عملي قدم کڻي

بلاول ڀٽو زرداري سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀارت کي چئلينج ڪيو ته ڀارت ڪشمير بابت عالمي اداري جي ٺهرائن تي عمل ڏيکاري

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب بعد پنهنجي وڊيو بيان ۾ بلاول چيو ته مون عالمي اداري ۾ ڪشمير لاءِ آواز اٿاريو

هن چيو ته مون ڀارت کي چئلينج ڏنو ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ بدران سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عمل ڪري ڏيکاري

 بلاول ڀٽو زرداري يو اين هيڊڪوارٽر ۾ گڏيل قومن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل امينا جَي محمد ۽ جنرل سيڪريٽري ڪابا ڪوروسي سان  ملاقاتون به ڪيون

 بلاول ٻوڏ کانپوءِ متاثرين جي بحاليءَ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا

هي به پڙهندا

وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جسٽس منصور جو سوال