آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي ته وڏو وزير ننڊ مان اُٿي چوي ته اڄ آفيس نٿو وڃان ۽ اسيمبلي ٽوڙيان ٿو: وڏو وزير

0
268

ڀان سيد آباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي ته وڏو وزير ننڊ مان اُٿي چوي ته اڄ آفيس نٿو وڃان ۽ اسيمبلي ٽوڙيان ٿو، پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ لاءِ ئي وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀان سيد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اسيمبلي نه ٽُٽندي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسيمبليز نه ٿيون ٽوڙي سگهجن

اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ وڏي وزير کي اختيار  ضرور آهي پر ان جي پويان سوچ هجي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ  لاءِ اسيمبلي نه  ٽٽندي، ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي

وڏي وزير ڪي اين شاهه پهچي نوري آباد سانحي ۾ فوت ٿي ويل 18 ماڻهن جي وارثن سان ڏک ونڊيو، ڪڪڙ ۾ برسات متاثرن سان ملاقات ڪري اهنج معلوم ڪيا، جڏهن وڏي وزير مراد علي شاه اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ پرائمري اسڪول جو دورو پڻ ڪيو

ٽي مهينا گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڇو نه پيا ڪرايو؟ وڏي وزير آڏو متاثرن جون دانهون

ڪراچي(نمائندن وٽان) 3 مهينا گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڇو نه پيا ڪرايو؟ وڏي وزير جي ڪي اين شاهه، ڪڪڙ ۽ ڇنڊڻ پهچڻ تي ٻوڏ متاثرن جي دانهن واريون وڊيوز سامهون آيون آهن

ڇنڊڻ ڪاري موري جي علائقي ۾ متاثرن وڏي وزير جي گاڏيءَ جو گهيراءُ ڪري ورتو، وڏي وزير ٻوڏ متاثرن کي فوري طور پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي

 مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي چيو ته ڊهي پيل گهرن جي اڏاوت لاءِ امدادي معاوضا جنوري کان جاري ڪيا ويندا، وڏي وزير هيليڪاپٽر تان يوسي ميانداد چنري، حمل ۽ ميرپور جي اڃا تائين ٻڏل ڳوٺن جو فضائي جائزو ورتو

 مراد علي شاهه ايف پي بچاءَ بند جو دورو به ڪيو، آبپاشي وزير ڄام خان شورو وڏي وزير کي ٻوڏ دوران ايف پي بند کي لڳل ٻن گهارن بابت بريفنگ ڏني

وڏي وزير ڪي اين شاهه ويجهو مراد چانڊيو پمپنگ اسٽيشن جو معائنو به ڪيو، مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته پمپنگ اسٽيشن جي مدد سان اڍائي سئو ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، مراد علي شاهه اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ پرائمري اسڪول جو دورو به ڪيو

هي به پڙهندا

17ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس:عمران خان